هن سر جي گدلي سينور ۾ ”نيل ڪنول“ ٿي ڦٽڻ ئي امر سنڌوءَ جو ڏوهه آهي

تحرير: زرار پيرزادو

¨ سنڌ جي شايد سڀ کان وڏي بدبختي اها رهي آهي ته اسان سنڌ دشمن طاقتن خلاف به ايترو ناهيون ڳالهائيندا يا لکندا، جيترو پنهنجن سنڌ دوست شخصيتن ۽ ڌرين لاءِ ڳالهائيندا ۽ لکندا وتندا آهيون.

¨ ٻيو اهو ته اسان وٽ جيڪو ماڻهو مثبت رخ ۾ ڪم ڪندو آهي، سرگرم ٿيندو آهي ته ان کي ئي ٽارگيٽ ڪري ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اسان پنهنجن ئي ماڻهن، پنهنجن ئي سڄڻن ۽ پنهنجن ئي مفادن کي ٿڏڻ ۾ اڳڀرا هوندا آهيون.

¨ مثال طور ادبي ميلا غير سنڌي به ڪندا آهن پر غير سنڌين جي ادبي ميلن کي غير سنڌي ادبي، صحافتي يا دانشور حلقا ائين ناهن لوئيندا جيئن اسان جا سنڌي ادبي، صحافتي ۽ دانشور حلقا انهن ادبي ميلن جي منتظمين کي لوئيندا وتندا آهن.

¨ اهڙي قسم جي ذيادتي جو شڪار اسان جي قابل فخر نياڻي امر سنڌو به رهي آهي. سندس سڀ کان وڏو ڏوهه اهو آهي ته هوءَ اسان جي ظالماڻي مرداڻي سماج خلاف وڏو مزاحمتي ۽ ترقي پسند ڪردار رهي آهي. اها سندس مزاحمتي للڪار ئي پدري نظام جي حامين جي اکين ۾ ڪنڊو بڻجندي چڀندي رهي آهي.

¨ جڏهن ته عورتن جي حقن جي حامي ڌرين جي نظرن ۾ وري امر سنڌو، عرفانه ملاح، عطيه دائود، فهميده حسين، حميده گهانگهرو، مهتاب اڪبر راشدي، مرحومه ثريا مخدوم وغيره جديد دور جون سورميون ليکيون وينديون آهن. جيڪي هن ظالماڻي مرداڻي سماج ۾ نه رڳو رول ماڊل بڻجي ٻاهر نڪتيون پر مجموعي طور تي عورتن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندڙ  رنڊڪن جي سڀني شڪلين کي هٽائينديون، صاف ڪنديون سندن مستقبل جي راهه هموار ڪنديون هليون آهن ۽ اڃا تائين هلي رهيون آهن.

¨ انهيءَ سفر ۾ انهن عورتن کي ڪهڙين ڪهڙين نظرن سان ڏٺو ويو، سندن خلاف ڇا ڇا ڳالهايو ويو، ۽ هنن جي ڪنن کي ڇا ڇا ٻڌڻو پيو، مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون تهمتون لڳايون ويون، انهن اهي سڀ ناگوار حرڪتون عورتن جي اڳتي وڌڻ واري عظيم مقصد کي ڏسي برداشت ئي پئي ڪيون آهن جن کي اسان سندن حصي جون قربانيون سمجهون ٿا.

¨ امر سنڌوءَ کي پڻ سنڌي سماج ۾ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ کين بحيثيت انسان وارا سڀ حق ڏيارڻ واري هن سفر ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌڻو پيو آهي، کيس ڪهڙين ڪهڙين خراب نظرن سان ڏٺو ويو، سندس جيڪا به ڪردار ڪشي ڪئي وئي، سندس ذات تي جيڪي به گند اڇلايا ويا تنهن کي برداشت ڪرڻ واري عمل کي اسان سندس حصي جي هڪ ”عظيم قرباني“ سمجهون ٿا.

¨ تنقيد کان ڪير به مٿانهون ناهي هوندو، ڪنهن سان به اختلاف رکي سگهجي ٿو پر اصلاحي تنقيد ۽ ذاتيات تي حملن ۾ فرق هوندو آهي. جڏهن اوهان جي تنقيد ۾ صرف ۽ صرف زهر هجي، ڪردار ڪشي هجي، تذليل هجي، گهٽ ڏيکارڻ واري نيت هجي، ان ۾ سندس ڪا چڱائي بيان نه ٿيل هجي ته اها اصلاحي تنقيد نه سمجهي ويندي.

¨ امر سنڌو جيئن ته پاڻ تمام وڏي تنقيد نگار آهي، نقاد آهي، دانشور آهي، اٿاهه مطالعو رکندڙ عملي ۽ جاکوڙي ڪردار آهي ته اها پاڻ مٿان ٿيل ذاتي حملن، ڪردار ڪُشين، مهم جوئين جي پس منظرن کان به چڱيءَ ريت واقف آهي ته پيش منظرن جي به ڀلي ڀت پروڙ رکي ٿي.

¨ هيءَ جيئن ته تمام گهڻي بهادر، نظرياتي، ڪميٽڊ شخصيت آهي، تنهن ڪري اسان کي پڪ آهي ته هيءَ نه ڪڏهن مايوس ٿيندي، نه ڪڏهن ٽٽندي، اڃان به بدي جي طاقتن ۽ عورت دشمن قوتن سان مقابلي مان نئون اتساهه، نئون جوش ۽ ولولو وٺي هڪ امر سنڌوءَ مان هزارين امر سنڌو ميدان تي لاهڻ جي ديو مالائي طاقت سان اڀري ايندي آهي.

¨ هن کي مايوس ڪندڙ، رستي تان هٽائيندڙ پاڻ ته مايوس ٿيندا، رستن تان ڪرندا ٿاٻڙجندا، خوار ٿيندا نظر ايندا آهن پر امر سنڌوءَ جو ڪجهه ناهن بگاڙي سگهندا.

¨ امر سنڌو، شيخ اياز جي شعري لفظن ۾ هن سر جي گدلي سينور ۾، نيل جو ڪنول آهي ۽ اهوئي سندس ڏوهه آهي ته ”هن سر جي گدلي سينور ۾“ هيءَ نيل ڪنول ٿي ڇو ڦٽي آهي.؟

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته امر سنڌو ته پنهنجي تاريخ ٺاهي چُڪي آهي جيڪا خوش قسمتيءَ سان اها  جيئري ٻن اکين سان ڏسي به رهي آهي. تاريخ جو مطالعو اهو به ٻڌائي ٿو ته هر دور جي عظيم ڪردارن، هيروز، سورمين کي پنهنجي پنهنجي دور ۽ وقت ۾ مخالف بزدلاڻن حملن ۽ عتابن جو شڪار بڻائيندا آيا آهن پر ڇا اهو بهتر ناهي ته مستقبل جي شخصي تاريخ کي اڄ جي دور ۾ اها عزت ڏيون، جيڪا مستقبل ۾ ان کي اونئن ئي ملڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.