قلم جي روشنيءَ سان ظلم جي اوندهه خلاف جنگ جو شهيد

تحرير: حسن ناصر خٽڪ

عوامي آواز ميڊيا گروپ اهو سگهارو آواز آهي، جيڪو ڪارونجهر جبل، ڪينجهر ڍنڍ، سنڌو درياهه، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي سميت صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم ڌرتي ڌڻين جي دانهن بڻجي سنڌ جو ڪيس وڙهندو رهيو آهي ۽ سنڌ دشمن ڌرين کي شڪست به ڏيندو رهيو آهي.

صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون نه هجڻ وارين عوامي آواز جي خبرن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تمام گهڻا نوٽيس وٺڻ کان پوءِ سنڌ جا ڪيترائي مسئلا به حل ٿيندا رهيا آهن.

عوامي آواز ميڊيا گروپ جي نمائندن کي مختلف وقتن تي انتقامي ڪاررواين جو نشانو به بڻايو ويو آهي. پنهنجي اصولن تي قائم رهڻ تي ڪيترن ئي رپورٽرن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ تشدد سميت مٿن قاتلاڻا حملا به ڪيا ويا، جنهن جو مثال ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد ٿيل عوامي آواز جو رپورٽر نصرالله گڏاڻي به هو. جنهن کي پهريون 17 مئي 2023ع تي ايم پي او تحت گرفتار ڪري کيس سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ڪيو ويو هو، جيڪو بعد ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڪوششن سان ۽ سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جي مدد ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان 31 مئي 2023ع تي آزاد ٿيو.

نصرالله گڏاڻي مظلوم ماڻهن جي پاسي ٿي بيهڻ، سنڌ جي وسيلن تي قابض ماڻهن کي للڪارڻ جي ڏوهه ۾ ڪيترائي ڀيرا سختيون ڏٺيون ، جيڪي هن سٺيون پر پوءِ به هو مظلومن جو آواز بڻيل رهيو.

نصرالله گڏاڻي نه صرف هڪ صحافي هو، پر هو سماج سڌارڪ انسان به هو. هو وڻن ۽ جانورن جي حقن لاءِ به آواز اٿاريندو رهندو هو. هو سنڌ جو عاشق هيو، سندس تقريرن ۽ لکڻين ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو درد سمايل هيو. هو موت جو خوف ڪرڻ بجاءِ ظالمن کي للڪاريندو رهيو. سندس موٽر سائيڪل جي پٺيان لکيل جملو ”ڀوتار ماءِ فٽ“ سڄي سنڌ جي ماڻهن جو جملو بڻجي ويو. نصرالله گڏاڻي ڪڏهن به پنهنجن اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، کيس اها به پرواهه نه هئي ته سندس مرڻ کان پوءِ 6 معصوم ٻارڙن جو ڇا ٿيندو، هو هر موقعي تي چوندو هيو ته ”اها پڪ اٿم ته مون کي حق جي راهه تي هلندي ماريو ويندو، پر مون کي پنهنجي جان جي پرواهه ناهي، منهنجن ٻچڙن جي به الله تعاليٰ پاڻ مالڪي ڪندو. هو نه ڪنهن سردار جي آڏو جهڪيو ۽ نه ئي سندس قلم کي ڪير خريد ڪري سگهيو ۽ واقعي ٿيو به ائين ئي ته هن موت کي ته ڀاڪر ۾ ڀريو، پر اصولن جي ڳالهه تان نه هٽيو، کيس حق جي راهه تي هلندي شهيد ڪيو ويو.

21 مئي 2024ع تي صبح جو تقريبن 11 وڳي ڌاري نصرالله گڏاڻي جڏهن پنهنجي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي کان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ميرپورماٿيلو وڃي رهيو هو ته کيس گولين جو کاڄ بڻائي زخمي ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو، هر صحافي ۽ عام ماڻهو نصرالله جي زندگي لاءِ دعا گهري رهيو هو ته. ٻڌائين ٿا ته موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم هٿياربندن مان هڪ فائرنگ ڪري نصرالله کي سڌيون گوليون هنيون، سندس پيٽ ۾ گوليون لڳيون، هو شديد زخمي ٿي پيو. پهريان کيس سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو ويو، طبي امداد ڏيڻ بعد کيس نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال پهچايو ويو، سندس مٿان ٿيل حملي واري واقعي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي.

ان سڄي صورتحال کانپوءِ عوامي آواز ميڊيا گروپ پنهنجي رپورٽر ساٿي جي زندگي بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون. ڊاڪٽر جبار خٽڪ پاران نصرالله گڏجاڻي جو علاج آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو انتظام ڪرايو. پر زندگيءَ ساڻس ساٿ نه نڀايو ۽ نصرالله علاج دوران 24 مئي 2024ع تي سنڌ ۽ سنڌ واسين کان موڪلاڻي ڪري آغا خان اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

نصرالله گڏاڻي جو موت سنڌ لاءِ وڏو سانحو هو، سندس موت جي خبر اچڻ تي هر اک آلي ٿي وئي. سنڌ جي ماڻهن به نصرالله ۽ سندس ڪردار سان خوب نڀايو. جڏهن نصرالله جو مڙهه ڪراچي کان ميرپورماٿيلو نيو پئي ويو ته سنڌ جي هر ننڍي توڙيو ڏي شهر ۾ صحافين، سماجي ڪارڪنن، پورهيتن ۽ شاگردن روڊن تي پهچي ڪيترو ئي وقت سندس آخري ديدار ڪرڻ جو انتظار ڪيو. کيس گلن، انقلابي گيتن ۽ جذباتي نعرن سان سلامي پيش ڪئي وئي. موٽر وي ۽ نيشنل هاءِ وي تان مڙهه گذرڻ دوران مٿس گل نڇاور ڪيا ويا. رستي ويندي ته شهيد نصرالله جي مڙهه کي ته ماڻهن محبت ڏني ۽ تمام گهڻا گل نڇاور ڪيا پر جڏهن سندس تدفين پئي ٿئي ته سندس آخري رسمن ۾ سڄي سنڌ مان لکين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ماڻهن سڄي سنڌ ۾ بنا ڪنهن فرق جي نصرالله جي خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا. نصرالله گڏاڻي ۽ سندس خاندان سان همدردي دوران سوشل ميڊيا تي تمام گهڻيون ويڊيو وائرل ٿيون. احتجاج جو اهو سلسلو ايترو ته سگهارو هيو جو اهو اڄ تائين جاري آهي. سندس تڏي تي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن پهچي نصرالله جي ٻارڙن جي مٿي تي همدردي وارو هٿ ڦيرايو.

نصرالله گڏاڻي جي واقعي کي ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا به کيس تمام گهڻي ڪوريج ڏني ۽ سندس ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو. ايتري قدر جڏهن عوامي آواز ميڊيا گروپ ايڌي فائونڊيشن جي فيصل ايڌي سان رابطو ڪري درخواست ڪئي ته ايئر ايمبولينس لاءِ وارثن کان ورتل پئسا سندس گهر وارن کي واپس ڪيا وڃن ته هڪدم فيصل ايڌي عوامي آواز جي درخواست کي قبول ڪندي سعد ايڌيءَ ميرپورماٿيلو وڃي سندس امڙ کي 9 لک رپيا واپس ڪيا.

عوامي آواز جي وطن دوست پاليسي، قومي اثاثن جي مالڪي ڪرڻ ڪري هن سٿ جا هن وقت به ناميارا ۽ بهادر رپورٽر حصو بڻيل آهن، جيڪي پنهنجي صحافت کي ڪاروبار نٿا سمجهن. نصرالله گڏاڻي جو ڪچو گهر، ڪاٺ جا ڪمزور دروازا، ڪجهه ڀڳل ٽٽل کٽون ۽ ڪجهه تاڪين تي ٽنگيل ٿانو، اها ئي سندس ملڪيت هئي، جنهن سنڌ ۽ ان جي مظلوم ماڻهن جو ڪيس پئي وڙهيو ۽ بهادريءَ سان سنڌ جي ويري ڀوتارن کي پئي للڪاريو. اهڙي طرح هن سٿ جي ٻين ساٿين به ملڪيتن ٺاهڻ بجاءِ پاڻ کي فقيري جو لقب ڏئي مظلومن لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي.

شهيد نصرالله گڏاڻي جي شڪل ۾ مظلومن لاءِ اٿندڙ هر سگهارو آواز ظالمن نيٺ بند ڪري ڇڏيو. نصرالله جو خون اڄ پهرين ورسي تي به انصاف لاءِ پڪاري رهيو آهي. نصرالله گڏاڻي جو معصوم پٽ جنهن پنهنجي پيءُ کي رت ۾ لت پت ڏٺو هو، جڏهن ان کان صحافيءَ سوال ڪندي پڇيو هو ته پٽ! تون وڏوٿي ڇا ٿيندين ته ٻالڪ وراڻيو هو ته پنهنجي والد جيان عوامي آواز جو رپورٽر ٿيندس، مان سمجهان ٿو اهو اعتماد ئي مظلوم ماڻهن جي ڪاميابي آهي.

شهيد نصرالله گڏاڻي جي شڪل ۾ مظلومن لاءِ اٿندڙ هر سگهارو آواز ظالمن نيٺ بند ڪري ڇڏيو. نصرالله جو خون اڄ پهرين ورسي تي به انصاف لاءِ پڪاري رهيو آهي. نصرالله گڏاڻي جو معصوم پٽ جنهن پنهنجي پيءُ کي رت ۾ لت پت ڏٺو هو، جڏهن ان کان صحافيءَ سوال ڪندي پڇيو هو ته پٽ! تون وڏوٿي ڇا ٿيندين ته ٻالڪ وراڻيو هو ته پنهنجي والد جيان عوامي آواز جو رپورٽر ٿيندس، مان سمجهان ٿو اهو اعتماد ئي مظلوم ماڻهن جي ڪاميابي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.