چوندا آھن ته ”اُٺَ تڏھن ٿي رنڀيا، جڏھن ٻُوڙا ٿي سُبيائون“ سو سنڌ جي سڄڻن جا ڪن اُن وقت ئي کڙا ٿي ويا ھئا جڏھن ارسا جي تڪڙي گڏجاڻي گهرائي سنڌو تي ”وڌيڪ ڪئنال ان وقت تائين نه اڏڻ“ جو منجهائيندڙ اعلان ڪيو ويو، جيستائين سمورن صوبن جي منظوري نه ورتي ويندي، ساڳئي وقت سنڌ حڪومت پاران وڪيل اڳواڻن سان ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي ڏنل زمينن جا ليز رد ڪرڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري، ٻٻرلوءِ جو پرامن تاريخي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. پر سنڌ پرست دور انديش اڳواڻن ان وقت ئي اھڙن اعلانن کي ڪوڙ، ٺڳي، ڌوڪي بازي، ويساهه گهاتي ۽ ھڪ گهري سازش قرار ڏيندي پنھنجي جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. اھي پنھنجي جدوجهد دوران بار بار سنڌي قوم کي ان سازشي پلان کان آگاهه به ڪندا رھيا. اھي چوندا رھيا ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينون سنڌ حڪومت ڏنيون آھن انھن جا ليز رد ڪرڻ جا اختيار به سنڌ حڪومت وٽ آھي ته پوءِ اھا ڏنل زمينن جا ليز رد ڇو نٿي ڪري، مجرماڻي خاموشي ڇو اختيار ڪيو ويٺي آھي ۽ ڏنل زمينن جا انگ اکر قوم آڏو ظاھر ڇو نٿا ڪيا وڃن. ھو چوندا رھيا ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌي قوم کان جياپي جو حق ڇو پيو کسيو وڃي، اسان جون زمينون ڏاڍ ۽ جبر جي بنيادن تي اسان کان ڇو پيون کسيون وڃن، ٽوئرازم، معدني وسيلن ۽ قديمي ماڳن تي ڌاڙا ڇو پيا ھنيا وڃن.ترقيءَ جي نالي تي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڇو پيو ڪيو وڃي ته ٻئي پاسي کان جواب ملندو رھيو ته ”اسان وٽ عوام پاران ڏنل مينڊٽ آھي، جيئن وڻي تيئن ڪرڻ جو اختيار آھي“
جڏهن ته سياسي معيار ۽ اخلاقي اصول ته اھو آھي ته تحريري طور لکيل پارٽي منشور ۾ يا پارٽي اڳواڻن پاران تقريرن جي ذريعي اھو چٽو اعلان ڪيو ويندو آھي ته ”جيڪڏھن سندن پارٽيءَ کي چونڊيو ويو ته اھي مستقبل ۾ ڦلاڻا ڦلاڻا ڪم ڪندا“ ايتري تائين جو چونڊن کان اڳ چونڊ اتحاد جوڙي عوام کي ٻڌايو ويندو آھي ته چونڊن کان پوءِ اھي ڦلاڻي پارٽيءَ سان گڏجي حڪومت ٺاھيندا يا چونڊ اتحاد نه ھئڻ جي صورت ۾ واضح اعلان ڪيو ويندو آھي ته حڪومت ٺاھڻ لاءِ گهربل اڪثريت نه ملڻ جي صورت ۾ اھي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندا. پر ھتي سياسي ۽ اخلاقي معيار اھو آھي جو چونڊن دوران پيپلز پارٽيءَ ۽ نواز ليگ ھڪٻئي جي شديد مخالفت ڪندي ھڪٻئي خلاف اميدوار بيھاريا پر چونڊ نتيجن کان پوءِ سڀئي ويڇا وساري، پيپلز پارٽيءَ ملڪ جو سڀ کا وڏو آئيني عھدو، سينٽ جي چيئرمين شپ، ٻن صوبن جي گورنر شپ ۽ ٻن صوبن جي وڏ وزارت جا عھدا حاصل ڪري ورتا. جنھن جو ھنن وٽ ڪوبه مينڊيٽ نه ھو پر اھا سياسي سوديبازي ھئي. سندن پارٽي منشور ۾ ڪٿي به اھو لکيل ڪونھي ته اھي سنڌ جين لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪرائيندا، سنڌوءِ تي ڪئنال اڏڻ جي منظوري ڏيندا يا مائنر ۽ منرل بل پاس ڪرائي سنڌ جي معدنيات تي ڌاڙا ھڻائيندا پر اھو سڀ اُن سياسي سوديبازيءَ جي سبب ٿيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ اھي اقتدار جا مزا ماڻي رھيا آھن.
ٻئي پاسي مٿي ذڪر ڪيل سازش، ڏاڍ مڙسي ۽ طاقت جي زور تي وفاق ۽ پنجاب ڪئنالن جي اڏاوت جو ڪم جاري رکندا پيا اچن ۽ سنڌ ۾ بدترين پاڻيءَ جي کوٽ جي باوجود پنجاب غيرقانوني ۽ تڪراري لنڪ ڪئنالن وسيلي دينا دستي سنڌ جو پاڻي چورائي نه فقط پنھنجي 100 سيڪڙو ضرورت پوري ڪندو رھيو آھي پر ڊيمن ۾ به لاڳيتو پاڻي گڏ ڪندو رھيو آھي. جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جون زمينون برباد ٿي رھيون آھن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي لڳ ڀڳ 50 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳھي چڪو آھي، پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت برباد ٿي چڪي آھي انساني زندگيون، ڍور ڍڳا ۽ سامونڊي حيات شديد متاثر ٿي رھي آھي، سامونڊي طوفانن ۽ زلزلن کي روڪيندڙ تمر جا ٻيلا تباهه ٿي رھيا آھن جنھن ڪري انھن علائقن جا ھزارين ماڻھو پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آھن. اھو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻھو ڪاوڙ ۾ اچي وڃن جنھن جو فاعدو وٺي پنھنجن ڇاڙتن ذريعي تحريڪ ۾ تشدد جو عنصر شامل ڪرائي بندوق جي زور تي تحريڪ کي دٻائي سگهجي. پر جس ھجي تحريڪ ھلائيندڙ سمورين پارٽين جي اڳواڻن کي جيڪي ھر حالت ۾ پر امن جدوجهد جاري رکندا پيا اچن.
وفاق جا حڪمران، جن جو رويو هميشه شائونسٽن جهڙو رھيو آھي، تن سان به مقابلو آھي، پنجاب جي صوبائي قيادت، جيڪي ٻين صوبن کي ليکي ۾ ئي نٿا آڻين تن کي به مڃائڻو آھي ۽ انھن سمورن کان وڌيڪ اسان جي ڌرتيءَ تي پلجندڙ اسان جا ويري، جيڪي سنڌ دشمنيءَ جي ھر ڪڌي ڪم ۾ ھنن جا ساٿياري آھن. انھن سمورين قوتن جي ڳٺ جوڙ سان ملڪ ۾ جمھوريت جي چوغي ۾ بدترين آمريتي راڄ مڙھيل آھي، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي حڪومت جنرل ضياءَ، ايوب خان ۽ مشرف جي مارشل لائن کان به وڌيڪ غليظ ۽ خطرناڪ روپ ۾ موجود آھي. سمورا انساني بنيادي حق پائمال ڪيا پيا وڃن، انصاف جا در بند آھن، قومي ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ۽ گم ڪري، بلوچستان جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جهڙي سازش سٽي پيئي وڃي، سنڌي قوم جي ھن پر امن جدوجهد کي پرتشدد بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. جنھن جو مثال موري ۾ ٿيل سانحو آھي، جنھن ۾ پرامن ۽ ھٿين خالي ڪارڪنن تي پوليس ۽ خانگي بدمعاشن ھٿان سڌا فائر ڪرائي اسان جي نوجوانن کي شھيد ۽ شديد زخمي ڪيو ويو، مٿان وري سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري، مٿن دھشتگرديءَ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. وري ضياءَ لنجار جو گهر ساڙائي، ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويئي جنھن ۾ ڪيترائي سڃاتل ۽ اڻ سڃاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن، جن کي گرفتار ڪرائي غير انساني تشدد ڪرايو ويندو. پر شھيد جي خون جو حساب ڪير ڏيندو، ھن جي ايف آءِ آر ڪڏھن داخل ٿيندي ۽ کيس انصاف ڪھڙي عدالت ڏيندي، تنھن جو جواب ڪنھن وٽ ڪونھي. مٿان وري لنجار ھائوس سڙڻ جي بھاني سوين بدمعاش ۽ ڏوھاري گهرائي گهرو ويڙهه جا سٽاءُ سٽيا پيا وڃن. تنھن ڪري ھن وقت سنڌي قوم سمورن دشمنن ۽ سمورين سازشن خلاف چئومکي ويڙهه وڙھي پئي ۽ اسان ڪنھن به وقت ڪنھن وڏي ھاڃيڪار سازش جو شڪار ٿي سگهون ٿا. تنھنڪري الڳ الڳ جدوجهد ڪرڻ جو وقت ويو ھليو، ھاڻي تحريڪ ھلائيندڙ سمورين سياسي ڌرين سميت سنڌ جي حقن جي ويڙھ وڙھندڙ وڪيلن کي پنھنجا سمورا سياسي ۽ نظرياتي ويڇا وساري، ھڪ ھنڌ گڏ ٿي، پاڻ ۾ ملي ھڪ مٺ ٿي، مطالبن ۾ وڌيڪ وسعت آڻي ھڪ وسيع ۽ مضبوط اتحاد جوڙڻو پوندو ۽ ھر حال ۾ جدوجهد کي پرامن رکڻو پوندو. پوءِ ڀلي سڀني جي صلاح سان اتحاد جو نالو درياھ بچايو اتحاد بدران ڪو ٻيون مناسب نالو رکڻو پوي. اسان کي سنڌ جي ويرين جي سوچ کي سمجهڻ لاءِ سندن ئي ذھنن سان سوچڻو پوندو تڏھن ئي اسان ھن چئومکي ويڙهه کي دڳ تي رسائڻ ۾ سوڀيارا ٿيندا سين.