18 ورهين کان گهٽ عمر ۾ شادي تي بندش، سينيٽ ۾ بل منظور، جي يو آءِ جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ)  سينيٽ 18 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي تي پابنديءَ وارو بل منظور ڪري ورتو،  بل کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪلڻ جي رٿ رد ڪئي وئي. ووٽنگ دوران جميعت علماءِ اسلام جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. ساڳئي وقت، سينيٽ "اينٽي ريپ (تحقيقات ۽ مقدمو) ايڪٽ 2021” ۾ ترميم جو بل به متفقه طور منظور ڪيو. سينيٽ جو اجلاس وقتي چيئرمين سيدال خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان پاران چائلڊ ميريح بل پيش ڪيو ويو. شيري رحمان چيو ته 16 سالن جون ڇوڪريون ماءُ بڻجي وڃن ٿيون، اهڙي عمر ۾ شادي کانپوءِ ڇوڪريون ڄم ڏيڻ دوران فوت ٿي وڃن ٿيون. هن چيو ته اهو بل 2013ع ۾ به سينيٽ متفقه طور منظور ڪيو هو. جي يو آءِ  جي سينيٽر ڪامران مرتضىٰ چيو ته هي بل اسلامي نظام سان ٽڪراءُ ۾ آهي، ان کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪليو وڃي. مولانا عطا الرحمان چيو ته جيڪڏهن والدين جي اجازت کانسواءِ ٻارن کي شادي جي اجازت ڏني وئي ته معاشرو يورپ بڻجي ويندو. هن چيو ته جي يو آءِ بل جي مخالفت ڪندي ۽ واڪ آئوٽ ڪندي، بل کي لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ به بل کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل موڪلڻ جي حمايت ڪئي. پي ٽي آءِ جي سينيٽر دوست محمد خان چيو ته اسان کي يورپي ملڪ نه بڻايو وڃي، فيصلو اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ مطابق ٿيڻ گهرجي. سينيٽر روبينا قائمخاني چيو ته هي بل اڳ ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ٿيو هو ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل به ان جي منظوري ڏني هئي. هن چيو ته ڳوٺن ۾ ننڍين ڇوڪرين جون شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، جتي  جي يو آءِ  جو ڪو به ميمبر ناهي. سينيٽر خليل طاهر سنڌو چيو ته پاڪستان کان سواءِ ڪنهن به مسلم ملڪ ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي جي اجازت ناهي.سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته اسلام ۾ نڪاح جي شرط بلوغت آهي، زبردستي جي شادي خلاف قانون آڻيو. مغربي تهذيب جي پيروي نه ڪريو، پر مذهب ۽ روايتن تي عمل ڪريو. مولانا عبدالواسع چيو ته نڪاح، طلاق وغيره تي قانون سازي جو اختيار اسان وٽ ناهي، بل کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل کانسواءِ منظور ڪرڻ تي سخت مذمت ڪنداسين. سينيٽر فاروق ايچ نائيڪ چيو ته مولانا ٻڌائن ته اسلام ۾ بلوغت جي عمر ڪٿي لکيل آهي؟ ملڪ جو قانون چوندو آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر وارو ٻار آهي. سينيٽر ثمينه ممتاز چيو ته چائلڊ ميريح گناهه آهي، مصر ۾ به ان تي پابندي آهي. مولانا عطا الرحمان چيو ته حضرت عائشه رضي الله عنها جي شادي نو سالن، يا ڪجهه روايتن مطابق 12 يا 14 سالن ۾ ٿي. سينيٽر سرمد علي چيو ته هي ديني نه پر معاشرتي مسئلو آهي. سعودي عرب ۾ به شادي جي عمر 18 سال آهي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته رياست جو حق آهي ته بلوغت جي عمر جو تعين ڪري. سنڌ ۾ هي قانون 11 سالن کان لاڳو آهي ۽ وفاقي شريعت ڪورٽ به ان کي رد ناهي ڪيو. سينيٽر نسيمه احسان چيو ته مان شيري رحمان کي واڌايون ڏيان ٿي، منهنجي پنهنجي شادي 13 سالن جي عمر ۾ ٿي. مان ستين جماعت ۾ پڙهندي هيس. سڀئي ساهرا سٺا ناهن. اڄڪلهه ڇوڪريون 9-10 سالن جي عمر ۾ بالغ ٿين ٿيون، پر ڇا ان عمر ۾ شاديون ڪنداسين؟ بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر بل تي ووٽنگ ڪرائي، جنهن دوران جي يو آءِ جي سينيٽرن واڪ آئوٽ ڪيو، باقي ميمبرن بل متفقه طور منظور ڪيو.  اعظم نذير تارڙ چيو ته ايوان واڌاين جو حقدار آهي، ڇو ته ڪيترائي سالن کان پوئتي پيل بل منظور ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.