ڪراچي ۾ سپرمني ٽرڪ جي اسمبلنگ لائن قائم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي/ بوزھو (چين) سنڌ حڪومت چين جي سهڪار سان جلد ئي ڪراچي ۾ سپر مني ٽرڪ جي اسمبلنگ لائن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيني سيڙپڪارن ڪراچي ۾ پلانٽ لڳائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي،سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ جلد ئي چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته انهن قدمن سان مختلف ڪاروباري گروهن ۽ فردن کي وڏو فائدو پهچندو۔چين جي شهر بوزھو ۾ سپر مني ٽرڪ جي رونمائي جي تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، بجيٽ پيٽروليم انويسٽمينٽ هولڊنگز ڪمپني، هانگ ڪانگ جي گروپ سي اي او زاهد بشير، چيني ڪمپني چيري هولڊنگ جي چيئرمين ين تونگيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔رونمائي واري تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سپر مني ٽرڪ جو منصوبو پاڪ-چين صنعتي سهڪار ۽ ٽيڪنيڪي سھڪار جي شاندار مثال آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جا نوان دروازا کوليندو،هن چيو ته چيني ڪمپني چيري هولڊنگ ۽ پيڊي ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي گڏيل سهڪار سان تيار ڪيل سپر مني ٽرڪ هڪ انقلابي ايجاد آهي، جيڪا شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لاجسٽڪ مسئلن جو حل پيش ڪري ٿي، اها ٽرانسپورٽ جو هڪ پائيدار، سستو ۽ دستياب ماڊل پڻ آهي،هن  چيو ته مني ٽرڪ جديد انجنيئرنگ، هوشيار ڊيزائن، ۽ ماحول دوست خاصيتن جو خوبصورت سنگم آهي، جيڪا پاڪستان ۾ هلڪي ڪمرشل گاڏين جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي،هن چيو ته سپر مني ٽرڪ جي اسمبلنگ لائن جلد ئي ڪراچي ۾ قائم ڪئي ويندي، شرجيل انعام ميمڻ چيني ڪمپني چيري هولڊنگ جي چيئرمين ين تونگيو جي ويزنري قيادت جي واکاڻ پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.