غزا(م ڊ) اسرائيل جي غزا تي جاري وحشياڻي بمباري ۾ 125 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اترغزا جا سڀئي سرڪاري اسپتال غيرفعال ٿي ويا آهن، عرب ميڊيا جي رپورٽن مطابق المواسي ڪيمپ (سيِف زون) تي ٿيندڙ حملي ۾36 فلسطيني شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 3 صحافين سميت وڌيڪ 60 ڄڻا به تازن حملن ۾ حياتيون وڃائي ويٺا آهن، غزا جي صحت واري وزارت تصديق ڪندي چيو ته اتر غزا جو انڊونيشي اسپتال به اسرائيلي جارحيت سبب بند ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ اتي ڪو به سرڪاري اسپتال فعال نه رهيو آهي، هوڏانهن اقوامِ متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس چيو آهي ته اسرائيل پاران غزا جو محاصرو ۽ اتي فاقا ڪشي واري پاليسي نه صرف ظالماڻي عمل آهي، پر اهو بين الاقوامي قانون جو سڌو سنئون مزاق آهي،ٻئي طرف عراق ۾ ٿيل عرب ليگ جي اجلاس ۾ پڻ اسرائيل کان غزہ ۾ جاري نسل ڪشيءَ جي مهم ۽ منظم فوجي حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
-
ڀارت ۾ آپريشن سندور خلاف ڳالهائڻ تي مسلمان پروفيسر گرفتار
نئين دهلي (م ڊ) جنگ ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي حڪومت آپريشن سندور خلاف ڳالهائڻ تي اشوڪا يونيورسٽي جي پروفيسر علي خان محمود آباد کي گرفتار ڪري ورتو. يوٽيوبر جيوتي ملهوترا ۽ ديويندر سنگهه سميت وڌيڪ 30 ڄڻا پڪڙيا ويا. يوٽيوبرن تي پاڪستاني عملدارن کي ڳجهي ڄاڻ ڏيڻ جو الزام هنيو ويو،گرفتار 25 ڄڻن پاڪستان جي حمايت ۾ مواد سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو هو.