ڪئنال منصوبا سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش آهن: ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري

حيدرآباد / کٽمنڊو (پ ر) ايشين پيپل موومينٽ آن ڊيبٽ اينڊ ڊولپمينٽ  (اي پي ڊي ڊي ايم) طرفان نيپال جي شهر کٽمنڊو ۾ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزيرابطا سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪائنات ڏاهري چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، ڪئنال منصوبي سبب سنڌ جو وجود خطري هيٺ آهي، ڪئنال پروجيڪٽ سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش آهي، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌين کان زمينون ڦري ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن، سنڌ جي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين کي زمينن تان بي دخل ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته فلسطينين جيان سنڌين جي زمينن تي به قبضا ڪيا پيا وڃن. عالمي سامراجي قوتون سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ بي وطن ڪري نئون اسرائيل قائم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته ملٽي نيشنل ڪمپنيون مقامي حڪمران طبقي کان سنڌ جون زمينون ليز تي وٺي، زمينن تي قبضا ڪري، سنڌو درياهه تي ڌاڙا هڻي سنڌين جي نسل ڪشي ڪري رهيون آهن.

ملٽي نيشنل ڪمپنين سنڌ سميت دنيا جي مختلف علائقن ۾ زمينن تي قبضا ڪري تباهي مچائي ڇڏي آهي، سنڌ جو عوام ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال منصوبن خلاف سراپا احتجاج آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.