جنگين جو فائدو ناهي، امن لاءِ اڳتي اچڻو پوندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا ڏٺو ته ڪيئي ڀيرا وڏي دشمن فقط ڪجهه ڪلاڪن ۾ گوڏا کوڙي ڇڏيا، دشمن جا جهاز، جيڪي ڀارت جو غرور هئا، هاڻي رک ۽ عبرت جو نشان بڻجي چڪا آهن. ”معرڪاءِ حق“ ۾ شاندار ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ ”يومِ تشڪر“ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾  تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 6 ۽ 7 مئي  جي وچ واري رات ڀارت پاڪستان تي حملا ڪيا، جنهن دوران بيگناهه ۽ معصوم پاڪستاني شهيد ٿيا. وزيراعظم چيو ته جوابي ڪارروائي ۾ پاڪستاني شاهينن دشمن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو، جيڪو منهن ٽوڙ جواب هو، اسان جي بهادر فوجن دشمن کي شڪست ڏئي عسڪري تاريخ جو سنهرو باب رقم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته دشمن جا فوجي ٿاڪ ۽ ايئربيسز کنڊر بڻجي ويا آهن، ڀارتي رافيل جهاز به شاهينن جي نشاني تي اچي تباهه ٿيا ۽ الله جي فضل سان پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي وريا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم هٿياربند فوجن سان گڏ رُڪ جي ڀت وانگر بيٺل آهي ۽ هر قسم جي جارحيت جي خلاف متحد آهي. دشمن پاڻ کي علائقي جو حڪمران سمجهندو هو، اسان جي حڪمتِ عملي ان کي حيران ڪري ڇڏيو، اسان جنگ کٽي دشمن کي سبق سيکاري ڇڏيو، مان آرمي چيف سميت سڄي فوجي قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿو. ڀارت اسان جي مخلص پيشڪش جو مثبت جواب ڏيڻ بدران جارحيت جو رستو اختيار ڪيو. علائقي ۾ دائمي امن لاءِ مسئلو ڪشمير جو حل ضروري آهي. 50 سال اڳ 1971ع ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو هو. سڄي قوم الله رب العزت آڏو سجدي ۾ هئي. ملڪ دشمن آخري حد به پار ڪري ڇڏي هئي. آرمي چيف سميت سڄي فوجي قيادت کي مان سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته الله جو شڪر گذار آهيان جنهن اسان کي عظيم ڪاميابي عطا ڪئي، الحمدلله! قوم جي دعائن، جذبي، ۽ اسان جي بهادر فوج جي جذبي سان اڄ اسان سرخرو آهيون. الله جو خاص فضل ٿيو ۽ پاڪ فوج دشمن جو غرور مٽي ۾ ملايو. ڀارت پهلگام واقعي جي غيرجانبدار عالمي جاچ جي پيشڪش کي رد ڪيو. ڀارت اسان جي محبت ڀري پيشڪش بدران جارحيت جو رستو اختيار ڪيو. وزيراعظم چيو ته 9 ۽ 10 مئي جي وچ واري رات ڀارت بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا. سڄي صورتحال ۾ فوجي قيادت سان منهنجو مڪمل رابطو رهيو. اسان فيصلو ڪيو ته دشمن کي اهڙو جواب ڏينداسين جو هو وساري نه سگهندو. هن چيو ته 10 مئي جي صبح پاڪستان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. پاڪ فضائيه حق جي معرڪي دوران نئين تاريخ رقم ڪئي. پاڪستان جي جواب ڪجهه ڪلاڪن ۾ سڄو منظرنامو بدلائي ڇڏيو. اسان جي جوانن دشمن کي ڪٿي به لڪلڻ جي جاءِ نه ڇڏي. دشمن کي زوردار ڌڪ ڏنو ويو، جيڪو يادگار بڻجي ويو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان جي حڪمت عملي سان دشمن جا هوش اڏامي ويا، دوستن جو اعتماد وڌيو. اڄ دنيا پاڪ فوج جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪري رهي آهي. دشمن هٿيارن تي کربين ڊالر خرچ ڪيا هئا. پوري قوم متحد آهي ۽ پاڪ فوج جي ساڻ آهي. اسان کي قومي يڪجهتي سان اڳتي وڌڻ گهرجي. ملڪ جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. پاڪستان دهشتگردي کان متاثر ملڪن مان آهي. اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90 هزار جانيون قربان ڪيون، ۽ 152 ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته امن لاءِ آمريڪي صدر قيادتي ڪردار ادا ڪيو. صدر ٽرمپ جي اهم ڪردار جا معترف آهيون. خراب حالتن ۾ دوست ملڪن جي يڪجهتي تي شڪريو ادا ڪريون ٿا. اسلام آباد جي پاڪستان مونيومينٽ تي تاريخي فتح جي موقعي تي ٿيل تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان هئا. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٽيئي هٿياربند فوجن جا سربراهه به شريڪ هئا. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف، اطلاعات وارو وزير عطاالله تارڙ سميت ڪابينا جا ميمبر، چين، ترڪي ۽ آذربائيجان جا سفير به موجود هئا. يومِ تشڪر جي تقريب ۾ وطن جي شهيدن لاءِ دعا ڪئي وئي. شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي شاهينن شاندار فلائي پاسٽ پيش ڪري قوم جي جذبي کي سلام پيش ڪيو. ٻارن ملي نغما پيش ڪري شهيدن کي ڀيٽا ڏني. ساحر علي بگا ۽ ٻين فنڪارن به شرڪت ڪندڙن جو جذبو وڌايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.