عالمي ماهرن کان آڊٽ ڪرائي پاڻي بابت سئو سالن جو حساب ورتو وڃي

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ جي قومپرست اڳواڻن وڪيلن ۽ ساڃاھ وندن چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف پنجن عالمي ماهرن جي ڪميٽي جوڙي سئو سالن جو حساب ڏنو وڃي جڏهن  ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪري سموريون زمينون بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن، ڪالهھ سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرس فورم پاران ڪوٺايل درياھ بچايو تحريڪ جي مستقبل جي حوالي سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ چيو ته جدوجهد جو پهريون فيز هو, ٽن چئن جاين تان روڊ بند ڪياسين, انڊس هاءِ وي تي ٻارڙن لٺيون کڻي رستا بند ڪرڻ شروع ڪيا، ڪئنالن جي پويان رياست، سياستدان، وزيراعظم هائوس، ايوان صدر ملوث آهن، برائي جو بنياد ايس آءِ ايف سي آهي هڪ ڀيرو ٻيهر صوبن جون ملڪيتون ڪجھه ماڻهن جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي رٿا بندي ٿي رهي آهي, اسان 2022ع کان ان ڏينهن کان گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن سنڌ سرڪار پنهنجا ايگزيڪيوٽو پاور ڦٽا ڪيا، اليڪشن وقت به اسان احتجاج ۾ هئاسين,ايس آئي ايف سي آگسٽ 2023ع ۾ پاس ٿيو ۽ گرين انيشيٽو ان جو ٻچو آهي. انڊس بيسن اريگيشن سسٽم اسان جو آهي اوهان اسان جو حق غصب ڪريو ويٺا آهيو، 40 ملين جي پراجيڪٽ ۾ به شارٽ فال آهي ته ان کي پنجاهه ملين ايڪڙ فوٽ تائين جي منصوبن تي ڪيئن پيا کڻي وڃو، جيڪڏهن  ائين ٿي ويو ته سنڌ جو موجوده ڪئنال سسٽم ختم ٿي ويندو, ان صورتحال ۾ جيڪو بچندو اهو هي سهولتڪار پي ويندا, هي پنهنجون زمينون آباد ڪن پيا پر ٻيلن تي به قبضا ڪري آباد ڪن پيا انهن جي حوس جي ڪا حد ناهي , ڪئنال ٺهيا ڪارپوريٽ فارمنگ ٿي ته حيدرآباد ۽ ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڪونه ملندو .هڪ ڪئنال ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪئنال تي 6 لک فوج بيهارڻي پوندي. ڪهڙي طرح رياست پيا هلايو اسان جي ڊيلٽا خاتمي جي طرف پئي وڃي. وڏو وزير چوي ٿو ته اسان ويران خالي بنجر زمينون ڏنيون آهن پاڻي جو بندوبست پاڻ ڪندا. اسان هٿيار ناهن اڇلايا، اسان جو پروگرام آهي ته ايندڙ وقت جي جدوجهد ۾ گُليل به نه هلي پر نئين نسل جو موڊ ٻيو اٿئو . ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ چيو ته ڇهن ڪئنالن جو اشو هليو ته سڀ احتجاج ڪري رهيا هئا,ٻٻرلوءِ ۾ کيسي جو هڪ روپيو خرچ نه ٿيو,بي بي سي جي رپورٽ موجب 80 لک ماڻهو ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا.  ڌرڻي ۾ هڪ عورت ٻن مهينن جو ٻار کڻي آئي ڇيائين منهنجو ٻچو قربان پر پوئتي نه هٽجو اهڙو جذبو ۽ محبت هئي، ايترو امن جو هڪ شئي چوري نه ٿي، جدوجهد ۾ 13 ڏينهن لڳا ايترا ڏينهن نه لڳڻ کپن ها اها سرڪار جي ناڪامي هئي. جدوجهد جو مرڪز ڪئنال هئا جيڪي رد ڪراياسين، ڪارپوريٽ فارمنگ واري معاملي تي 13 مئي تي سرڪار سان ڳالهيون رکيل هيون سرڪار نه آئي هاڻ اسان منٿ نه ڪنداسين ، مون کي ڪريڊٽ نه کپي ، هي ڌرڻو  سياسي پارٽين جي مدد کانسواءِ ممڪن نه هو, اسان وڪيلن ۾ ڪي اختلاف ناهن، اسان مان ڪنهن ڀاءُ کي اڳواڻي ڪرڻي آهي ته اڳواڻي ڪري آئون ڪارڪن ٿي هلڻ لاءِ تيار آهيان. اسان ڪمزور ناهيون ڪارپوريٽ فارمنگ اسان کي ڪنهن به قيمت تي منظور ناهي.نصير ميمڻ چيو ته انڊس واٽر ٽريٽي جي ڳالهه هلي پئي ۽ تاثر ڏنو پيو وڃي، پنجاب جا درياھ ڏنا ويا پر اهي درياھ به سنڌ جا هئا،انهن درياهن مان 35 ملين ايڪڙ فوٽ پنجند کان ڊائون سنڌ ۾ ايندو هو, توهان عيوض ۾ ملندڙ پئسن مان پنجاب ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. چئو ٿا ته پاڻي ضايع پيو ٿئي اهو ناٽڪ بند ڪريو ڪو به پاڻي ضايع ڪون پيو ٿئي, پنج سالن اندر پنجاھ سيڪڙو گهٽ برفباري ٿي آهي.واپڊ ارسا ۽ سي سي آءِ جي آڊٽ ڪرائي وڃي واپڊا جو نمائندو سنڌ مان ڇو نٿا رکو. دنيا جي پنج بهترين ماهرن جي ٽيم ٺاهي پاڻي جي سئو سالن جي آڊٽ ڪرائي وڃي, توهان لنڪ ڪئنال ڪيئن ٺاهيا ڊيم ڪيئن ٺاهيا ڊيم ۽ ڪئنال آپريٽ ڪيئن ٿا ڪريو. نامور قانوندان شهاب استو چيو ته هي تحريڪ ڪامياب تحريڪ آهي, عوامي طاقت ذريعي تسليم ڪرايو ويو ته ڪئنال غير قانوني غير آئيني آهن سرڪار کي واپس وٺڻا پوندا سو سرڪار واپس ورتا. سنڌ,وفاقي پنجاب سرڪار ۽ رياست سڀ هڪ طرف هيا ٻئي پاسي مسڪين پيرين اگهاڙا ماڻهو  توڙي وڪيل نڪري آيا اسان کي جشن ملهائڻ گهرجي ته اسان ڪري سگهون ٿا ۽ ڪري ڏيکاريو ته اسان هنن کي سنڌ ڪالوني بنائڻ نه ڏينداسين، اسان کي قطئي طور تي ڪارپوريٽ فارمنگ قبول ناهي.اسان سنڌ سرڪار، پنجاب ۽ وفاقي سرڪار ۽ رياست کي شڪست ڏني، ڪاظم مهيسر چيو ته اسان جدوجهد ۾ ٻه اشو کڻي وياسين ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ, شايد ڪجھ دوست ٿڪي پيا تڏهن ڌرڻو ختم ڪيو ويو جيڪڏهن ٻه ڏينهن صبر ڪن ها ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن وٺي اچون ها.پاڻي درياھ ۽ زمينون ڪارونجهر ننگر پارڪر قومي ملڪيت آهن جيڪڏهن ضمير آهي ته ذاتي زمين هجڻ يا نه هجڻ سان فرق نٿو پوي بحريا کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪئي ويئي سپريم ڪورٽ به ان کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي. ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان ڪورائي چيو ته وڏن زميندارن سان شڪايت آهي جن حڪمرانن سان وفاداري ڏيکاري , سنڌ سان محبت جو جذبو سامراج ۽ ڪمپني خلاف جدوجهد کان اسان کي روڪي نه سگهيو. اسان ڪارپوريٽ فارمنگ فارمنگ تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائينداسين، اسان عدليه کي آزاد ڪرائينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل مرزا سڪندر چيو ته سنڌ سان زيادتيون ڪندڙ اهي آهن جن کي ووٽ ڏيئي اقتدار ڏنو ويو آهي .يقين سان چوان ٿو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف تحريڪ ڪامياب ٿيندي.حيدر امام رضوي چيو ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون وارو نعرو ڇا آهي هڪ طرف نعرو پيا هڻو ٻي طرف سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي نيلام پيا ڪريو. حسين بخش ٿيٻي چيو ته سڄي وفاقي سرڪار پيپلزپارٽي جي ٽيڪ تي بيٺي آهي چاهي ها ته سي سي آءِ ۾ ٻيون به ايجنڊائون رکرائي ها, ارسا مان مشرف گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ پاڻي منظور ڪرايو ان تي ان وقت جي وڏي وزير علي محمد مهر خط لکي احتجاج ڪيو لکيو ته سنڌ سڪي ويندي, ڪئنال نه رد ٿيا آهن نه عارضي بند ٿيا آهن, چوباره 2008ع مڪمل ٿيو ان وقت يوسف رضا گيلاني وزيراعظم هيو.اعجاز قريشي چيو ته سنڌ کي اڃا وڌيڪ محنت ۽ قرباني جي ضرورت آهي . ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ خدمت ڪندڙ پپو خان مهر چيو ته سنڌي قوم جو ڪردار دنيا ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ ڏسي ورتو , اچو ٻٻرلوءِ ۾ ڏسو ته سنڌ ڇا آهي هر زبان ڳالهائيندڙ ماڻهو  ڌرڻي ۾ ويٺو هو. قومي محاذ آزادي جي صدر اظهر جميل چيو ته عوام اڳيان ۽ اڳواڻ پٺيان آهن ائين نظر پي آيو پر ان جي پويان اڳواڻن جي محنت آهي , روايتي احتجاجن مان نڪرڻ کپي .قاضي علي اطهر چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي پويان وڏي محنت آهي استادن اسڪولن ۾ موڪلون ڪري ڌرڻي ۾ اچڻ جو اعلان ڪيو  پر اسان کين روڪيو ته اسڪول بند نه ڪريو. ڊاڪٽر محبوب شيخ چيو ته هي جيڪا ٻٻرلوءُ تي بيٺل تحريڪ جي تياري جي ڪم ۾ ڪيترائي مهينا لڳا جنهن ۾ شاعر اديب شاگرد وڏي انگ ۾ نڪري آيا. هن تحريڪ ۾ نوان هيروز مليا جن جي اسان کي ڄاڻ ئي نه هئي جيڪي ڌرڻي ۾ ماني، پاڻي، بسترا پيا پهچائين جڏهن به تحريڪ جو ذڪر ٿئي ته انهن نا معلوم ۽ گمنام ماڻهن کي سلام ڪرڻ کپي. ٻٻرلوءِ ڌرڻي ڪجھ نه ٿيندو واري سوچ کي ٽوڙي ڏيکاريو , برياني جي پليٽ وارن کي به شرمساري ٿي.وومين ايڪشن فورم جي تبسم کوسو چيو ته سنڌ جي پر امن جدوجهد سبب سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ تي سرڪار مجبور ٿي پئي. ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪري سموريون زمينون بي زمينون مقامي هارين کي ڏنيون وڃن , قانوني سماجي هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين هي اسان جي بقا ۽ زندگي جو سوال آهي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ عورتن سان انصاف ٿيئڻ کپي. ايڊوڪيٽ رضا محمد شر چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ مليل محبتون وساري نٿا سگهون اسان هر قرباني ڏيڻ لاء تيار آهيون.ڊاڪٽر اظهر مرزا چيو ته جيڪا تحريڪ هلي آهي ان ۾ بهتري نظر آئي آهي شهري ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن گڏجي جدوجهد ڪئي آهي. قيصر بنگالي چيو ته ٻٻرلوءِ عظيم ڪاميابي آهي هن تحريڪ جي, زندگي مڪمل هڪ جنگ جو نالو آهي اها هلندي رهندي آهي چئلينجز ايندا رهندا آهن ڪالاباغ ڊيم کان پوءِ هي وڏي ڪاميابي آهي ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ  لاءِ وڏو خطرو هي. ڀارت انڊس واٽر ٽريٽي سسپينڊ ڪيو آهي ڀارت اهو معاهدو ختم ناهي ڪيو معطل ڪيو آهي ان تي ڳالهائڻ چاهي ٿو , بحال ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ڳالهايو ،ٽرمپ واري پاليسي تي هلن پيا هي مطالبو ڪندا ته ڀارت کي الهندي دريائن تان پاڻي ڏنو وڃي, اسان کي ٽيڪنيڪل پيپر تيار رکڻ کپي هي چناب ۽ جهلم تان پاڻي گهرن ٿا ته اسان کي ستلج مان پاڻي وٺڻ جو مطالبو ڪرڻ کپي ان سان سنڌ جي ڪوسٽل ايرياز جي تباهي کان بچي سگهجي ٿو ماهرن کي ان تي ڪم ڪرڻ کپي. وڪيل حق نواز ٽالپر چيو ته اسان جو جهيڙو ڪن سرڪاري ماڻهن سان نه پر ان طاقت سان آهي جنهن 75 سالن کان اسان جي ماڻهن کي مظلوم ۽ محڪوم رکيو آهي.عاقب راڄپر چيو ته ٻٻرلوءِ پهرين وک ۽ ڪاميابي آهي جنهن منصوبي جو افتتاح جنرل ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.