ڇا پوليس جو ڪم ماڻهن کي هراسان ڪرڻ آهي:؟ سنڌهاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندي جوڙي پاران تحفظ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، عدالت پوليس کي جوڙي ۽ گهروارن کي حراسان  ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي،  عدالت ڌرين کي 29 مئي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن،عدالت شادي ڪندڙ جوڙي کي حراسان ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ چيو ته ڇا پوليس جو ڪم ماڻهن کي حراسان ڪرڻ آهي، لڳي رهيو آهي ته پوليس کي ماڻهن حراسان ڪرڻ جي ڊيوٽي ڏني وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل اڪبر لاشاري چيو ته زينب 4اپريل تي سلمان سان پسند جي شادي ڪئي، سچل پوليس ڪيس داخل ڪري سلمان جي گهر کي تالو لڳائي ڇڏيو آهي،پوليس کي زنيب ۽ هن جي مڙس کي حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي .چوڪري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مان پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.