اسلام آباد (م ڊ) برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي، پاڪستان جي دوري دوران چيو ته ڀارت، پهلگام واري واقعي بابت پاڪستان تي لڳايل الزامن لاءِ ڪوبه ثبوت ناهي ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اميد به ناهي ته ڀارت پنهنجن قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن کي برطانيا سان ونڊيندو. ڊيوڊ ليمي مطابق پهلگام ۾ ٿيندڙ حملو انتهائي افسوسناڪ هو، برطانيا هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ متاثرن سان مڪمل همدردي رکي ٿو. هن زور ڀريو ته پاڪستان پاڻ به دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، تنهن ڪري انتهاپسندي جي واڌ کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ملاقاتن دوران، ڊيوڊ ليمي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات ڪئي. اسحاق ڊار ڀارت جي جارحاڻين ڪارروائين بابت آگاهي ڏني ۽ چيو ته اهي پاڪستان جي خودمختياري ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهن.