ميڊيا اسان جو فخر آهي، ڀارتي ميڊيا کي موثر جواب ڏنو: آرمي چيف

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ميڊيا اسان جو فخر آهي، ڀارتي ميڊيا کي موثر جواب ڏنو، سڄي قوم گڏجي دشمن جو مقابلو ڪيو، جيڪو انداز اسان جي ميڊيا اختيار ڪيو، اسان کي ان تي فخر آهي، اسان ڪجهه به لڪائي نه ڇڏيو، سڀ حقيقتون بيان  ڪيون، اسان جي ميڊيا جو ڪردار ذميواراڻو رهيو. اسلام آباد ۾ يومِ شڪر جي مرڪزي تقريب کان پوءِ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ جي وقت پاڪستاني ميڊيا جي ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ ان کي پنهنجي فخر قرار ڏنو. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستاني ميڊيا اسان جو فخر آهي، جنهن تازن واقعن ۾ ذميوارانه ڪردار ادا ڪندي ڀارتي پروپيگنڊا جو موثر جواب ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.