اسلام آباد (بيورو/رپورٽر) ڀارتي فوجي جارحيت جي خلاف “آپريشن بنيان مرصوص” ۾ تاريخي فتح جي خوشيءَ ۾ اڄ ملڪ ۾ “يومِ تشڪر” ملهايو پيو وڃي، جتي عوام ۽ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. شڪراني ڏهاڙي جي شروعات ملڪ جي مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ خاص دعائن سان ٿي، جڏهن ته وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گاديءَ وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي.باني پاڪستان قائدِ اعظم محمد علي جناح ۽ شاعرِ مشرق علامه محمد اقبال تي گارڊز جي تبديليءَ جي تقريب پڻ ٿي، جڏهن ته اسلام آباد سميت سڀني صوبائي راڄ ڌانين ۾ پرچم ڪشيءَ جون تقريبون پڻ ٿيون. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شهيدن جي يادگارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ شهيدن جي لاءِ دعائيه تقريبون پڻ ڪوٺايون ويون.. هن چيو ته ” آپريشن بنيان مرصوص“ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندن وارثن سان خاص ملاقاتون ڪيون ويو، جڏهن ته جمعي نماز ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون.