تحريڪن مان وفاق کي پيغام ويو ته پ پ سنڌ جي نمائنده پارٽي ناهي: منظور سولنگي

ڪراچي (م ڊ) يوٽيوب تي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي سينيئر صحافي امداد سومري چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ذريعي سنڌ جي عوامي ۽ پرامن تحريڪ ملڪ جي سطح تي هڪ تبديلي آندي آهي، ۽ ڪالاباغ ڊيم کان پوءِ ڪئنال جي معاملي تي ننڍڙي سهي، پر اهم ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اها هڪ نفسياتي فتح آهي، جنهن سان ملڪ ۽ دنيا ۾ سنڌ جو تعارف تبديل ٿيو آهي. ڀلي وڪيل پهرين قطار ۾ هجن، پر هن جدوجهد ۾ جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، قادر مگسي، اياز لطيف پليجو ۽ خاص طور تي سيد زين شاهه جو ڪردار نمايان رهيو آهي. بشير خان قريشي جان ڏئي ڇڏي، ۽ نياز ڪالاڻي جي بک هڙتال به هن جدوجهد جا اهم رنگ آهن. دانشور ۽ صحافي منظور سولنگي چيو ته ٻٻرلوءِ تحريڪ بابت ڪجھ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جا اهي رايا ته "تحريڪ هاءِجيڪ ٿي وئي” ۽ "کڙتيل نڪتو نه” صحيح نه آهن. سندس خيال ۾ جيڪي نتيجا مليا آهن، سي غير معمولي آهن. سنڌ ۾ ان کان اڳ اهم تحريڪون رهيون آهن، جيئن ته اينٽي ون يونٽ، ايم آر ڊي، ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ. پر هن ڀيري ڳوٺن تائين ماڻهن کي سجاڳي ۽ شرڪت جو موقعو مليو. ٻيو فائدو اهو ٿيو ته ماڻهن کي ڄاڻ ملي ته قومي شاهراهه کي بند ڪرڻ سان به وڏا سياسي نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا. ٽيون ته مختلف ڌريون اختلاف وساري گڏ بيٺيون، جيئن قادر مگسي، اياز لطيف، جسقم ۽ ٻيا. ڪراچي، آدمشماري ۽ سنڌو درياهه جهڙن مسئلن تي سنڌ جو عوام گڏ بيٺو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي بار جي نوجوان وڪيلن جو قدم ساراهه جوڳو آهي، پر ائين ڪم اصل ۾ سياسي پارٽين کي ڪرڻو هو. ايس يو پي جو جاري پروگرام به دور رَس اثر ڇڏيندو. اڳ شاھنواز ڪنڀر واري معاملي تي سياسي ڌريون نه پهتيون، عام ماڻهو پهتا. ان مان وفاق کي پيغام ويو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي نمائنده پارٽي نه آهي. امداد سومري چيو ته پنجاب جو رويو شاونسٽ آهي، ن ليگ جو ڪردار به اهڙو ئي نظر اچي ٿو، جو سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ باوجود فلڊ ڪئنال ذريعي پاڻي کڻي وڃن ٿا. سنڌ جي واڳ ڌڻين به پنجاب جو ڪيس وڙهڻ ۾ پنهنجو موقف ڪمزور ڪيو آهي. وڪيلن پاران جوڙيل ڪميٽي مان ڪجھ نالا ڪڍڻ تي به سنڌ ۾ اعتراض ٿيا. وڪيلن جو پنهنجو موقف آهي، پر منظور سولنگي جو خيال آهي ته وڪيل سياسي  مسئلن تي اڪيلو اڳتي نٿا وڌي سگهن.  غلام رسول سوهو جي شخصيت تي ڪو اعتراض نه آهي، پر وڪيلن کي سياسي ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ايس يو پي، سنڌو بچايو ڪميٽي ۽ ٻيون ڌريون گڏجي ڪم ڪن ته اثرائتو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته افسوسناڪ ڳالهه آهي ته علڻ عباسي، جيڪو شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۾ ملوث جاويد جسڪاڻي جو ساڄو هٿ رهيو آهي، ان جا پروموشن ٿي رهيا آهن. اهو شخص نوابشاهه ۽ دادو ۾ جاويد جسڪاڻي سان گڏ رهيو آهي. ان جو احتساب ضرور ٿيڻ گهرجي. حيرت آهي ته عدالتون به خاموش آهن ۽ عدالتي حڪم هوندي به ان تي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي رهي آهي. منظور سولنگي چيو ته وڪيلن کي داد ڏيڻ کپي ته هنن ايترو ڪجهه ڪيو، پر اڪيلائي سان هلندا ته ٿڪجي پوندا. ان لاءِ ضروري آهي ته وڪيل سنڌ جي سياسي ڌرين سان گڏجي اڳتي وڌن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.