ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀارت جي طرفان اماڻيل ڊرون سبب سنڌ ۾ به شهادت ٿي ، جڏهن ته پهلگام حملي کان ترت پوءِ ڀارت بنا جاچ ۽ ثبوتن جي پاڪستان تي الزام مڙهيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڀارت پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳائي هڪ طرفو فيصلو ڪندي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ”گجرات جي ڪاسائي“بهانو ڪري سنڌ طاس معاهدي کي وچ ۾ آندو، جڏهن ته اهو معاهدو ڪنهن هڪ ڌر طرفان ختم نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته قوم هر وقت پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، پاڪستان دشمن جا 3 رافيل ڪِيرايا جن بابت چيو پئي ويو ته اِهو ڪير به نه ٿو ڪيرائي سگهي، پاڪستان ٽن ڪلاڪن اندر دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. پنهنجي تقرير دوران هن انڪشاف ڪيو ته پاڪستان طرفان شروع ڪيل ” آپريشن بنيان مرصوص“ کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ روبيو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي فون ڪري چيو ته ڀارت جنگبندي چاهي ٿو. وڏي وزير وڌيڪ چيوته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته” گاهه کائينداسين پر ائٽم بم ٺاهينداسين“ ، شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته “آپريشن بنيان مرصوص” جي ڪاميابي سان پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون سونهري باب شامل ٿيو آهي، جنهن تي اسان پنهنجي بهادر فوجن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج جي ڀرپور ارروائيءَ سان دشمن کي نه رڳو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، پر ڀارت کي تاريخي شڪست پڻ ملي.