ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ پي ايل ۾ پرڏيهي رانديگرن جي موجودگي ۽ غير موجودگي بابت تازي تفصيل سامهون آيا آهن، جتي ڪجهه رانديگر ليگ کيڏڻ جي حامي ڀري آه ، جڏهن ته ڪي اهم رانديگر موجوده حالتن سبب دستياب نه آهن.
ڀارت ۽ پاڪستان جي سرحدي ڇڪتاڻ سبب ملتوي ڪيل آءِ پي ايل 2025 17 مئي کان ٻيهر شروع ٿي رهي آهي. ليگ جي آخري حصي ۽ پلي آف مرحلي لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي موجودگي ۽ متبادل بابت تفصيل جاري ڪيا ويا آهن،
گجرات ٽائيٽنز جي موجود رانديگر ۾ جوز بٽلر (ليگ اسٽيچ تائين، پلي آف ۾ ڪوشل مينڊس سندس متبادل هوندو)، ڪاگيسو ربادا (ليگ اسٽيچ تائين)، شرفين ردفورڊ، راشد خان، ڪريم جنت، داشن شناڪا، جيرالڊ ڪوئيٽزي
رائل چيلينجرز بينگلورو جي دستياب رانديگر ۾ جيڪب بيٿل (رڳو ٻه ليگ ميچون)، لنگي نگيڊي (ليگ اسٽيچ تائين)، روماريو شيفرڊ، فل سالٽ، ٽم ڊيوڊ، ليام لونگسٽون، نوان ٿُشارا جڏهن ته جوش هيزل ووڊ واري معاملي تي غيريقيني واري صورتحال برقرار آهي.
ٽورنامينٽ جي آخري مرحلي لاءِ پنجاب ڪنگز کي مچل اووين، عظمت الله عمرزئي، مارڪو يانسن (ليگ اسٽيچ تائين)، زيوير بارٽلٽ، ڪائل جيميسن (لاڪي فرگوسن جي جاءِ تي) جهڙا رانديگر دستياب آهن. ان کانسواءِ جوش انگلس، مارڪس اسٽوئنس، آرون هارڊي جي نالن جي واپسي بابت غير يقيني واري صورتحال آهي.
ممبئي انڊينز وٽ دستياب رانديگرن ۾ ول جيڪس (ليگ اسٽيچ تائين، پوءِ جوني بئريسٽو سندس جاءِ والاريندو)، ريان رڪيلٽن (پلي آف ۾ رچرڊ گليسن سندس متبادل هوندو)، بيوَن جيڪبز، ڪوربن بوش (ليگ اسٽيچ تائين)، مچل سينٽنر، ٽرينٽ بولٽ، ريس ٽوپلي، مجيب الرحمان شامل آهن.
ڊيلي ڪيپيٽلز جي اسڪواڊ ۾ موجود پرڏيهي رانديگرن ۾ ٽرسٽن اسٽبز (ليگ اسٽيچ تائين)، فاف ڊو پليسي، دشمنت چميرا، صديق الله آتل جڏهن مچل اسٽارڪ، جڪ فريزر مُگرڪ (سندس متبادل طور مستفيض الرحمان 18 کان 24 مئي تائين دستياب)، ڊونوون فريئرا ٽورنامينٽ جي آخري مرحلي تان هٿ کڻي ورتو آهي.
ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي پرڏيهي رانديگرن مان سنل نارائن، آندري رسل، ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ، اسپينسر جانسن، رحمان الله گرباز، اينرچ نورٽجي ڀارت واپسي ڪئي آهي، جڏهن ته معين علي، روومن پائول ٽورنامينٽ جون رهيل ميچون نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو.
لکنئو سپر جائينٽس جي دستياب رانديگرن ۾ ايڊن مارڪرم (ليگ اسٽيچ تائين)، مچل مارش، نڪولس پورن، ڊيوڊ ملر، ميٿيو بريٽزڪي، ول او رورڪ (ميانڪ يادَو جي جاءِ تي) جڏهن ته جوزف باقي مرحلي ۾ ٽيم سان گڏ نه هوندو.
سن رائزرز حيدرآباد دستياب رانديگرن پيٽ ڪمنز، ٽريوس هيڊ، هينرڪ ڪلاسن، ڪميندو مينڊس، ايشان مالنگا شامل آهن جڏهن ته ويان مُلڊر آءِ پي ايل لاءِ ڀارت واپس اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
راجستان رائلز دستياب رانديگر ۾ شيمرون هيٽمائر، لوئنڊر پريٽوئرس، فضل حق فاروقي، ڪوينا مافاڪا، وانيندو هسارنگا، مهيش شامل آهن جڏهن ته انگلينڊ جو فاسٽ بالر جوفرا آرچر ۽ ڏکڻ آفريڪا جو نينڊري برگر ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ورتو آهي.
چنائي سپر ڪنگز جي ٽيم ۾ به ڪجهه پرڏيهي رانديگر موجود آهن، جن ۾ افغانستان جو اسپنر نور احمد، سري لنڪا جو بالر مٿيشا پٿيرانا، ڏکڻ آفريڪا جو بيٽڙ ڊي والڊ بريوِس ۽ نيوزي لينڊ جو اوپنر ڊيَوِن ڪانوِي شامل آهن. ان کان علاوه چنائي سپر ڪنگز جا ڪجهه رانديگر جيڪي دستياب نه آهن، انهن ۾ جيمي اوورٽن، سام ڪُرن، راچن رويندرا ۽ نيٿن ايليس جا نالا شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه رانديگر سيڪيورٽي خدشن سبب واپس ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪجھه رانديگرن جي عدم موجودگي جو سبب سندن ملڪي ڪرڪيٽ بورڊ جا ظابطا ۽ عالمي پابنديون آهن.