ڪراچي (ويب ڊيسڪ ملڪ جا اڪثر علائقا سخت گرميءَ جي گهيري ۾ آهن ۽ هيٽ ويُو واري صورتحال برقرار آهي.
سبي ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو ۽ اهو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ گرم شهر رهيو. تربت ۾ گرمي 45 ڊگري رڪارڊ ٿي، پر گرميءَ جي شدت 49 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي.
لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه ۾ گرمي 49 ڊگري، جڏهن ته سکر، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 48 ڊگري رڪارڊ ٿي.
حيدرآباد، لاهور، فيصل آباد ۽ پشاور ۾ پارو 42 ڊگري تي پهچي ويو، جڏهن ته گرمي جي شدت 47 ڊگري تائين محسوس ٿي رهي آهي.
اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پارو 45 ڊگري هو پر گرمي48 ڊگري جهڙي لڳي ۽ ڪراچي ۾ 34 ڊگري جي گرمي 38 ڊگري محسوس ڪئي وئي.
ڪوئيٽا ۾ به پارو 40 ڊگري تي رهيو.
گرمي جي شدت وڌڻ سان گڏ ئي ٿڌن شربتن جي گهرج وڌي وئي آهي جڏهن ته گرمي سبب ٿيندڙ بيمارين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.