ڪراچي (ويب ڊيسڪ ملڪ جا اڪثر علائقا سخت گرميءَ جي گهيري ۾ آهن ۽ هيٽ ويُو واري صورتحال برقرار آهي.
سبي ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو ۽ اهو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ گرم شهر رهيو. تربت ۾ گرمي 45 ڊگري رڪارڊ ٿي، پر گرميءَ جي شدت 49 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي.
لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه ۾ گرمي 49 ڊگري، جڏهن ته سکر، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 48 ڊگري رڪارڊ ٿي.
حيدرآباد، لاهور، فيصل آباد ۽ پشاور ۾ پارو 42 ڊگري تي پهچي ويو، جڏهن ته گرمي جي شدت 47 ڊگري تائين محسوس ٿي رهي آهي.
اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پارو 45 ڊگري هو پر گرمي48 ڊگري جهڙي لڳي ۽ ڪراچي ۾ 34 ڊگري جي گرمي 38 ڊگري محسوس ڪئي وئي.
ڪوئيٽا ۾ به پارو 40 ڊگري تي رهيو.
گرمي جي شدت وڌڻ سان گڏ ئي ٿڌن شربتن جي گهرج وڌي وئي آهي جڏهن ته گرمي سبب ٿيندڙ بيمارين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
You might also like