ڀارت وڏا وڏا جهاز آندا، پاڪ فوج لغڙن وانگر ڪٽي ڇڏيا: خواجه آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت اسان تي حملي لاءِ وڏا وڏا جهاز آندا، جن کي اسان جي فوجن لغڙن جيان ڪٽي ڇڏيو.
پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته هو شاگردياڻين جو ٿورائتو آهي جيڪي منهنجي گهر يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آيون، مون لاءِ هي جذباتي لمحو هو، ٻارن جو پنهنجي وطن سان محبت جو انداز نرالو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 10 مئي جي رات اسان جي تاريخ ۾ هڪ فيصلائتو موڙ آيو ۽ ٽنهي فوجن جي سربراهه ۽ پاڪ فوج جي جوانن کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، وزيراعظم شهباز شريف هر وقت قوم جي قيادت ڪئي.
خواجه آصف چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ حڪومت پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي رهي ۽ قومي اتحاد ۾ جيڪي ڏار نظر پئي آيا اهي هاڻي مڪمل اتحاد ۾ بدلجي ويا آهن.
بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته اسان ڀارت کي اوڀر واري سرحدن تي شڪست ڏني آهي ۽ الله جي ڪرم سان اوڀر واري سرحد تي جيڪا فتح حاصل ڪئي آهي، ان کان به وڌيڪ ڪاميابي اولهندي محاذ تي ملندي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت وڏا وڏا جهاز آندا، جيڪي اسان جي فوجن پتنگن وانگر ڪٽي ڇڏيا، جيڪي قومون پنهنجي تاريخ وساري ڇڏينديون آهن، انهن کي تاريخ به وساري ڇڏيندي آهي، مودي هن وقت پنهنجا ڦٽ چٽي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.