لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏيندا ته هو سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري ڪن.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊيوڊ ليمي واضح ڪيو ته برطانيا، آمريڪا ۽ نار وارن ملڪن سان گڏجي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي کي پائيدار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار جنگبندي لاءِ اعتماد جوڳن قدمن تي به ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته برطانيا پاڪستان سان گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ به ڪم جاري رکيو آهي.
ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ بابت سوال تي ڊيوڊ ليمي چيو ته اسان ٻنهي ڌرين تي زور ڏينداسين ته هو سنڌ طاس معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به عالمي قانونن جي احترام جي ڳالهه اچي ٿي ته ڌرين کي معاهدن جي پاسداري تي زور ڏينداسين.
You might also like