ڀارت ‏۾ شيري رحمان جو سوشل اڪائونٽ به بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڀارت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيري رحمان جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارت ۾ سوشل ميڊيا اڪائونٽ بلاڪ ٿيڻ کانپوءِ سينيٽر شيري رحمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”ڀارت ۾ سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پابندي جو مقصد سچ ڳالهائيندڙن کي خاموش ڪرائڻ آهي ۽ ڀارتي حڪومت جو اِهو قدم پهلگام واقعو جون حقيقتون لڪائڻ لاءِ کنيو ويو آهي.“
شيري رحمان وڌيڪ چيو ته ”ڀارت جي ان ڪارروائي جي عالمي سطح تي مذمت ٿيڻ گهرجي، ڀارت ڇا به ڪري پر سچ کان فرار نٿو ٿي سگهي.“
هن چيو ته ”ڀارت پهلگام حملي کانپوءِ بنا جواز جارحيت ڪئي، جنهن جي خلاف پاڪستان ذميواراڻي انداز ۾ دفاع ڪيو ۽ جيڪڏهن ڀارت ٻيهر ڪنهن مهم جي ڪوشش ڪندو ته پاڪستان اثرائتو جواب ڏيندو.“
واضح رهي ته ڀارتي حڪومت جي درخواست تي ڪيترن ئي پاڪستانين جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڀارت ۾ بند ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.