ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ ٻيهر سون جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيويلرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2400 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 38 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت به 2058 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 90 هزار 209 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾في اونس سون 24 ڊالر جي اضافي سان 3177 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
You might also like