واٽس ايپ پاران نئون فيچر ” اسٽيٽس فارورڊنگ“ متعارف، ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟

واٽس ايپ اسٽيٽس شيئرنگ واري فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو واهپيدارن کي پنهنجن اسٽيٽس تي وڌيڪ ڪنٽرول ڏيندو.
ميٽا جي ملڪيت هيٺ هلندڙ واٽس ايپ نئين فيچر ذريعي واهپيدارن کي هڪ فارورڊنگ ٽوگل (بٽڻ) فراهم ڪندو، جنهن سان هو فيصلو ڪري سگهندا ته ڪير سندن اسٽيٽس فارورڊ يا ٻيهر شيئر ڪري سگهي ٿو يا نه.
هي نئون فيچر سڀ کان پهرين اينڊرائيڊ بيٽا ورجن 2.25.16.16 ۾ ڏٺو ويو آهي ۽ عالمي سطح تي ايندڙ هفتن ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
انهي فيچر سان اسٽيٽس پرائيويسي سيٽنگن ۾ هڪ آن/آف سوئچ شامل ڪيو ويندو، جنهن کي آف ڪرڻ سان توهان جو اسٽيٽس ڪير به فارورڊ نه ڪري سگهندو.
واٽس ايپ جي نئين ”Allow Reshare“ آپشن ذريعي جيڪڏهن اجازت ڏني وئي ته توهان جو اسٽيٽس ٻين جي چيٽس يا اسٽيٽس فيڊ ۾ آساني سان شيئر ٿي سگهندو، پر توهان جو فون نمبر ۽ پروفائل جي معلومات فارورڊ ڪيل ڪاپي ۾ لڪيل رهنديون.
ماضيءَ ۾ واهپيدار فقط اهو طئي ڪري سگهندا هئا ته ڪير سندن اسٽيٽس ڏسي سگهي ٿو، پر هاڻي مخصوص اجازت سان اسٽيٽس کي ٻيهر شيئر ڪرڻ به ممڪن هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.