جنگ ۾ ناڪامي ۽ ڇهن جهازن جي تباهيءَ کانپوءِ ڀارت نيٺ سفارتڪاري جو رستو چونڊي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هڪ طرفي فوجي ڪارروائيءَ ۾ ناڪامي، ڇهه جنگي جهاز تباهه ڪرائڻ ۽ ناڪام ميزائل حملن کانپوءِ نيٺ ڀارت کي سفارتڪاريءَ جو خيال به اچي ويو.
ڀارتي حڪومت هڙني سياسي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل ست سفارتي ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، جيڪي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رڪن ملڪن سميت اهم ساٿي ملڪن جا دورا ڪنديون ۽ ”آپريشن سندور“ بابت آگاهي ڏينديون.
ڪميٽيون مختلف حڪومتن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سان رابطو ڪري پنهنجي حڪومت جو موقف پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون. پارلياماني ٽيمون هلندڙ مهيني جي آخر ۾ دورن تي وينديون.
ڀارت اهو به فيصلو ڪيو آهي ته ”آپريشن سندور“ دوران هدف بڻايل ماڻهن ۽ هنڌن جي دهشتگرديءَ سان لاڳاپن بابت 70 ملڪن جي ڊفينس جي نمائندن کي بريفنگ ڏني ويندي.
ذريعن موجب، بريفنگ ۾ سيٽلائيٽ تصويرن، رڪارڊ ٿيل ڳالهه ٻولهه، انٽيليجنس رپورٽن ۽ ٽيڪنيڪل ڊيٽا ذريعي لشڪرِ طيبه ۽ دي رزسٽنس فرنٽ کي پهلگام واقعي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 26 ڀارتي شهري مارجي ويا هئا.
ڀارت شروع ۾ ان حملي جو الزام پاڪستان تي هنيو، جنهن کي پاڪستان مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ ڀارت چيو ته حملي ۾ ”دي رزسٽنس فرنٽ“ ملوث آهي، پر ان تنظيم به واقعي سان ڪنهن به قسم جي لاڳاپي کان انڪار ڪيو.
پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ان وٽ ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪري ، اسان اڻ ڌري جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر ڀارت آمريڪا ۽ برطانيا سميت ڪنهن به فورم تي هڪ به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.