رپورٽ موجب وفاقي سرڪار حيدرآباد- سکر موٽروي منصوبو، سالياني ترقياتي پروگرام مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي قومي اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ پڻ آندو ويو آهي. سنڌ توڙي ڏکڻ پنجاب جي چونڊيل نمائندن سخت احتجاج ڪندي سرڪار جي ان فيصلي جي سخت نندا ڪندي ان کي سنڌ سان وڏي ناانصافي قرار ڏنو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حيدرآباد – سکر موٽروي رٿا، سنڌ جو واحد منصوبو آهي، جيڪو اصولي طور ايمرجنسي بنيادن تي ٺاهڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته ان سان رڳو سنڌ جي ماڻهن کي نه پر پنجاب جي عوام کي پڻ وڏو فائدو رسندو، وقت ۽ تيل جي بچت سان گڏ ملڪي معيشت کي پڻ زبردست هٿي ها، پر فنڊ جي عدم فراهمي سبب اهو منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو، تان جو هاڻ وفاقي سرڪار ان کي سالياني ترقياتي پروگرام مان ئي خارج ڪري ڇڏيو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت حيدرآباد- سکر موٽروي رٿا جي اهميت کي سمجهي ۽ اهو منصوبو جلد کان جلد ٻيهر شروع ڪري. فنانسنگ جو بندوبست ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين مسلسل نگراني يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ ملڪ جي ترقياتي خواهشن کي حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهجي.
ان منصوبي جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، ڇو ته هي رستو ملڪ جي واپاري نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اولهه ۽ اوڀر جي حصن کي ملائيندڙ هي رستو نه صرف مقامي صنعتن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو، پر عالمي واپار کي به وڌائي سگهي ٿو. ان سان گڏ، علائقائي ڪنيڪشن کي مضبوط ڪرڻ سان برآمدات ۾ اضافو ۽ ملڪ جي اقتصادي خوشحالي کي پڻ هٿي ملندي.هي منصوبي جو جلد مڪمل ٿيڻ سنڌي عوام جي اعتماد ۽ قومي ترقياتي سوچ لاءِ اهم آهي.
وفاقي حڪومت کي سنڌ سرڪار سان گڏجي هن اهم منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن علائقائي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن منصوبي کي ڪارائتو بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، موثر انتظامي پاليسيون ۽ سرمائيڪاري جي منصوبن تي عمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ موٽروي جو ڄار تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن جي فنڊنگ جي کوٽ سبب ماڻهن ۾ هڪ واضح فرق جو احساس جنم وٺي رهيو آهي، جنهن جو سدباب ڪرڻ ان لاءِ به نهايت ضروري آهي ته دشمن قوتون جنگي محاذ تان شڪست کائڻ کان پوءِ پنهنجي ناپاڪ مقصد جي تڪميل لاءِ ان ڪمزوري جو فائدو وٺي سگهن ٿيون.
اها نه رڳو افسو ۽ اچرج واري ڳالهه آهي پر ان تي بيحد ڳڻتي جو به اظهار ڪري سگهجي ٿو ته تاريخ جا تلخ تجربا اسان جي سامهون هجڻ جي باوجود هتان جا حڪمران پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻ، تعصب واري سوچ مان ٻاهر نڪري وفاق جي مضبوطي لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ڏسڻ ۾ نٿا اچن. اُهي پنهنجي روين ۾ اڄ به گذريل صدي وارا حڪمران ئي آهن، جن وٽ وفاقي اختيار هجڻ جي باوجود به انهن ننڍن صوبن کي پٺتي رکي رڳو هڪ صوبي جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ سياسي بحرانن ۾ ڦاسي پيو، صوبائي تعصب وڌڻ سبب وفاق ڪمزور ٿيڻ لڳو. جنهن سبب اسلامي دنيا ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم عورت محترمه بينظير ڀٽو کي اهو چوڻو پئجي ويو ته ”لاڙڪاڻي ۽ لاهور ۾ فرق آهي“.
ملڪي سلامتي ۽ وفاق جي مضبوطي لاءِ اهو فرق ختم ٿيڻ گهربو هو، جيڪو بدقسمتيءَ سان ختم ٿيڻ بدران اڄ به برقرار آهي. ان جو ڪارڻ بس رڳو اهو ئي آهي ته صوبن کي برابري جا حق ۽ خود مختياري ڏيڻ هڪ صوبو جيڪو پاڻ کي ٻين صوبن جو وڏو ڀاءُ سمجهي کين پنهنجي تسلط هيٺ رکندو پيو اچي. جڏهن ته حالتون هاڻ بنهه تبديل ٿي چڪيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا ۾ اٿل پٿل برپا ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ملڪ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن.ان امڪاني ڀڃ ڊاهه کان بچڻ لاءِ ضروي آهي ته وفاق ۾ شامل سمورن صوبن کي برابري واري ديد سان ڏٺو وڃي ۽ هر قسم جي تعصب ۽ تاثر کي ختم ڪيو وڃي. اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان جا حڪمران پنهنجي رويين تي نظرثاني ڪري، صوبائيت واري محدود ذهنيت مان ٻاهر نڪري ايندا ۽ جديد گُهرجن پٽاندڙ ملڪ کي اڳتي، ترقي طرف وٺي هلندا.