پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڪاروباري زراعت

تحرير: مصطفيٰ نانگراج

اسان کي اهو اعلان ڪندي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته سنڌ جي نامياري زرعي ماهر ۽ اديب مصطفيٰ نانگراج عوامي آواز لاءِ هفتيوار مضمون لکڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. اوهان هاڻي اڄ کان هر ڇنڇر  ڏينهن تي زراعت ۽ ٻين موضوعن تي سندن تحقيقي ۽ پرمغز ليک پڙهي سگهندؤ.

سنڌ جو زرعي شعبو هن وقت تاريخ جي انتهائي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي، جتي پاڻي جي تيزيءَ سان وڌندڙ کوٽ هتان جي زراعت لاءِ خطري جي گهنٽي زور زور سان وڄائي رهي آهي. خاص طور تي سنڌو  درياهه ۾ پاڻيءَ جي سطح مسلسل گهٽجي رهي آهي، جنهن جو اثر سنڌ جي پوکن تي پئجي رهيو  آهي. هڪ ڪاٿي مطابق سنڌ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين سڄو سال آبپاشيءَ لاءِ سنڌو درياهه تي دارومدار رکي ٿي، جڏهن ته گذريل 5 سالن دوران پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ 30 کان 40 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته موجوده صورتحال ته بنهه ئي مختلف ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي. ان سان گڏ جر جو مٺو پاڻي سنڌ ۾ پهريان ئي نه هئڻ برابر هيو ويتر هن دريائي پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري  کوٽ سان گڏ ٻاڙائپ ۽ کارائپ جو تيزيءَ سان شڪار ٿي رهيو آهي.

ان ڪري  سنڌ جي سمورن  فصلن سان گڏ مکيه فصلن جهڙوڪ چانورن، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ ڪمند جي پوک تي نه صرف پاڻيءَ جي کوٽ اثر انداز ٿي رهي آهي، پر انهن جي پيداوار ۾ به سال به سال گهٽتائي اچي رهي آهي، جيڪا پوئتي پيل آبادگارن لاءِ وڏي معاشي تڪليف جو سبب بڻجي رهي آهي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي ته سٺي  زرعي پيداوار جو دارومدار پنجن  مکيه پيداواري عنصرن تي هوندو آهي، جن ۾ بهتر آبهوا، سٺي زمين، معياري ٽيڪنالوجي ۽ ان ۾ جدت ، موافق سماجي عوامل ۽ گهربل پاڻيءَ جي فراهمي  شامل آهن ، جن مان 30 سيڪڙو صرف  معياري پاڻيءَ  جي فراهميءَ جو عمل دخل هوندو آهي. ۽ جيڪڏهن ان ۾ رخنو پوي ته پيداوار گهٽجڻ يقيني بڻجي ويندو آهي. پاڻيءَ  جي کوٽ سان ٻه نقصان ٿين ٿا هڪ ته پوجندڙ فصلن جي پيداوار ڪري پوي ٿي ۽ ٻيو ته فصلن جي پوکيءَ واري ايراضي گهٽجڻ لڳي ٿي. جيڪو سنڌ اندر ٿي رهيو آهي.

هن پسمنظر ۾ "ايگري پرينيوئرشپ” يعني زراعت کي ڪاروبار طور اختيار ڪرڻ  سنڌ لاءِ هڪ نئين واٽ کولي سگهي ٿو. هي ماڊل انٽرپرينيورز جي سوچ کي زرعي شعبو سان جوڙي، نه صرف پيداوار کي وڌائڻ، پر آمدنيءَ ۾ واڌ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو وڏو وسيلو ثابت ٿي سگهي ٿو. دنيا جا ڪيترائي ملڪ جن وٽ پاڻيءَ  جي گهٽتائي آهي، انهن زرعي ڪاروبار جي واڌاري ذريعي پنهنجي زراعت کي نه صرف بچايو آهي، پر ان کي ترقيءَ ڏانهن وٺي ويا آهن.

مثال طور، روانڊا ۾ ”يوٿ ايگري انڪيوبيشن پروگرام“ ذريعي نوجوانن کي زرعي ڪاروبار لاءِ تربيت، فني سهڪار ۽ مارڪيٽ تائين رسائي فراهم ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 60 سيڪڙو تائين سندن آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿيو. ساڳئي وقت يوگنڊا ۾ ڊجيٽل زرعي معلومات جي فراهميءَ  ۽ مقامي مارڪيٽن سان ڳانڍاپي، ننڍن آبادگارن جي پيداوار ۽ آمدنيءَ کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌائي ڇڏيو. انهن ماڊلز مان واضع آهي ته جيڪڏهن زرعي شعبي کي ڪاروباري طريقي سان هلايو وڃي ته نه صرف پاڻيءَ  جي محدوديت کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، پر سماجي طور به وڏي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. پر ان جو اهو به مقصد هرگز ناهي ته سنڌ پنهنجي پاڻيءَ واري حق تان هٿ کڻي وڃي بلڪ اها ڪوشش ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي روايتي زراعت کي ”ڪاروباري زراعت “ طرف وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ ۾ به جيڪڏهن زرعي پاليسين کي نئين سر جوڙيو وڃي، ته ايگري پرينيوئرشپ جا دروازا کلي سگهن ٿا. مثال طور، گهٽ پاڻيءَ وارا فصل جهڙوڪ مڪئي، سورج مُکي، مرچ،  تر، مصاله  ۽ خاص طور تي مشروم (کنڀين) جهڙا زرعي ڪاروبار، نه صرف پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سان مطابقت رکن ٿا، پر گهٽ زمين ۽ سرمايي سان به منافعو ڏين ٿا. مشروم جي پوک لاءِ تقريباً 400 اسڪوائر فوٽ جي جاءِ، ڪجهه ڀاڻ، ۽ سادي فني معاونت جي ضرورت پوي ٿي. هڪ چڪر ۾ 200 ڪلو تائين مشروم پيدا ڪري سگھجي ٿي، جن مان سٺي مارڪيٽنگ سان هر ٻن مهينن ۾ 80,000 کان 100,000 رپين جي آمدني حاصل ڪري سگھجي ٿي. خالص منافعي جي شرح 40,000 کان 60,000 رپيا ٿي سگھي ٿي، جيڪا ڪنهن به بي روزگار نوجوان يا عورت لاءِ هڪ حوصلا افزا مثال ٿي سگھي ٿي.

اهڙا ڪاروبار خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي عورتن لاءِ نوان در کولين ٿا. جيئن يوگنڊا، گهانا، ۽ ڪينيا ۾ عورتن کي زرعي اسٽارٽ اپس ذريعي نه صرف روزگار مليو، پر سندن خاندان جي آمدنيءَ ۾ به اضافو ٿيو. هڪ رپورٽ موجب، گهانا ۾ زرعي ڪاروبار ذريعي عورتن جي خانداني آمدنيءَ تي سڌي رسائي 35 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جيڪا اڳي نه هوندي هئي. اهڙي خودمختياري سنڌ جي عورتن لاءِ  به آزادي ۽ وقار جي واٽ کولي سگھي ٿي. جينئن ته هي اسٽارٽس اپس جو  دور آهي جيڪي هر شعبي ۾ هلايا وڃن ٿا ان ڪري سنڌ جي زرعي شعبي ۾ به وڌ کان وڌ شروع ڪرڻ گهرجن.اسٽارٽ اپ هڪ نئون، جديد ڪاروباري خيال آهي، جيڪو ڪنهن خاص مسئلي جو حل پيش ڪرڻ، نئين پراڊڪٽ، سروس يا ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيو ويندو آهي. اهو ڪاروبار عام طور تي ننڍي پيماني تي شروع ٿيندو آهي، پر ان جو مقصد ان کي اڳتي وڌائڻ ، نوان مارڪيٽس کولڻ ۽ روايتي طريقيڪار کي تبديل ڪرڻ هوندو آهي. اسٽارٽ اپس اڪثر ڪري نون تجربن، صارف جي راءِ ۽ جديد حڪمتِ عملين تي ڀروسو ڪندي تيزيءَ سان ترقي ڪندا آهن.

روايتي ڪاروبارن جي ڀيٽ ۾، اسٽارٽ اپس جو مرڪزي مقصد صرف بقا نه پر تيزيءَ سان واڌارو، جدت، ۽ معاشري يا معيشت تي مثبت اثر ڇڏڻ هوندو آهي، ۽ اڪثر عالمي سطح تي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند هوندا آهن.

اسٽارٽ اپس لاءِ حصو وٺڻ ڪنهن به شخص لاءِ ممڪن آهي، جيڪو نئون خيال، مسئلي جو حل، يا ڪاروبار ڪرڻ جي جذبي سان ڀرپور هجي. هيٺ ڏنل ماڻهو ۽ گروپ اسٽارٽ اپس ۾ حصو وٺي سگهن ٿا:

ساڃاهه وند ۽ ڪاروباري ذهن رکندڙ ماڻهو: جيڪي نيون شيون تخليق ڪرڻ، يا ڪو خاص مسئلو حل ڪرڻ چاهين.

شاگرد ۽ نوجوان: تعليمي ادارن جا شاگرد، خاص طور تي سائنس، زراعت، يا آئي ٽي سان لاڳاپيل، نوان خيال ۽ توانائيءَ سان ڀرپور هوندا آهن.

هارين ۽ ڳوٺاڻا نوجوان: خاص ڪري زرعي اسٽارٽ اپس ۾ هاري يا ڳوٺاڻا نوجوان مقامي مسئلن کي سڃاڻي، انهن تي ڪاروباري حل پيش ڪري سگهن ٿا.

تحقيق ڪندڙ ۽ علمي حلقا: يونيورسٽين ۽ ريسرچ ادارن سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجو تحقيقي  ڪم مارڪيٽ تائين آڻي سگهن ٿا.

خواتين ڪاروباري اڳواڻ: عورتون خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن ۾ خوراڪ جي پروسيسنگ، دستڪاري، يا ماحول دوست زراعت جي شعبي ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون.

سيڙپڪار ۽ رهنما: جن وٽ مالي وسيلا يا تجربي جي دولت آهي، اهي اسٽارٽ اپس کي سيڙپڪاري ۽ صلاح مشوري ذريعي مدد ڏئي سگهن ٿا.

هر اهو شخص، جنهن وٽ مسئلي جو حل، جدت جو خيال، ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو هجي، اهو اسٽارٽ اپ جو حصو ٿي سگهي ٿو. چاهي باني طور، ٽيم ميمبر طور، يا سرمايو لڳائڻ واري حيثيت ۾.

ان ڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ سرڪار، زرعي يونيورسٽيون، مالي ادارا ۽ سماجي تنظيمون گڏجي هڪ مربوط حڪمت عملي جوڙي، زرعي تربيت، فنڊنگ، مارڪيٽنگ ۽ واپار لاءِ مدد فراهم ڪرڻ شروع ڪن. جيڪڏهن ايگري پرينيوئرشپ جي واڌاري لاءِ حڪومت هڪ واضح پاليسي جوڙي، ته ان سان نه صرف پاڻيءَ جي بحران کي وقتي طور منهن ڏئي سگهجي ٿو، پر سنڌ جي زرعي مستقبل لاءِ نئون اُجالو به ممڪن ٿي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.