حيدرآباد-سکر موٽروي سالياني ترقياتي پروگرام مان خارج، قومي اسيمبلي ۾ احتجاج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قومي اسيمبليءَ ۾ حيدرآباد-سکر موٽروي کي ترقياتي پروگرام جو حصو نه بڻائڻ بابت بحث، اهم منصوبي کي نظرانداز ڪرڻ تي خدشي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ميمبرن طرفان هن اهم منصوبي کي ترجيح نه ڏيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته پنجاب جي منصوبن تي ته  ڪم ٿي رهيو آهي، پر هن منصوبي تي ڪو به عملدرآمد نه پيو ٿئي، جيڪو سنڌ سان وڏي ناانصافي آهي. مملڪتي وزير ارمغان سبحاني جواب ڏيندي چيو ته هيءُ هڪ انتهائي اهم منصوبو آهي، جيڪو ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو۔ آذربائيجان به ان ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، ۽ سکر-حيدرآباد موٽروي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان ٻڌايو ته منصوبي لاءِ قرض جي انتظام جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايم اين اي آغا رفيع الله چيو ته دنيا ۾ هڪ به اهڙو موٽروي نه آهي جيڪو پورٽ سان ڳنڍيل نه هجي، ۽ جيڪڏهن ان منصوبي لاءِ مڪمل بجيٽ نه رکي وئي ته پوءِ بجيٽ ۾ ووٽ ڏيڻ مناسب نه هوندو۔مملڪتي وزير ارمغان سبحاني چيو ته مڪمل بجيٽ رکڻ جي شرط نه لڳايو، منصوبو حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ۽ جيڪڏهن فارن فنڊنگ يا سيڙپڪاري ملي ته موٽروي جلد تعمير ٿي سگهي ٿي۔ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جو سکر-حيدرآباد موٽروي بابت مؤقف واضح آهي، ۽ مان پڪ ڏياريندو آهيان ته هيءُ منصوبو ضرور مڪمل ٿيندو۔ سيد نويد قمر چيو ته ڌيان ڏياريندڙ نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ هن موٽروي لاءِ رقم نه رکي وئي آهي، جڏهن ته PSDP ۾ اڃا تائين ڪا واضح رقم نه آهي۔ اسين گذريل 15 سالن کان فقط ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون، ميدان تي ڪجھه به ناهي. اعجاز جکراڻي چيو ته رڳو پڪ ڏيارڻ بجاءِ، منصوبي لاءِ فنڊز مختص ڪيا وڃن، ائين نه ٿيو ته اسان فيصلو ڪرڻ ۾ آزادي هڳنداسين. جنهن تي ناڻي واري وزير چيو ته مان منصوبا بندي واري وزير کي پيغام پهچائيندس ته هن منصوبي لاءِ فنڊ رکيا وڃن. سيد عبدالقادر گيلاني چيو ته حڪومت ڪوڙ پئي ڳالهائي، وزارت منصوبابندي سنجيده ناهي۔ ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي۔ ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر سيد حفيظ الدين به پيپلز پارٽي جي موقف جي حمايت ڪئي. پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اسان جا اتحادي آهن، هي مسئلو گڏجي ويهي حل ڪنداسين. ان کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر، منصوبا بندي واري وزير احسن اقبال کي هدايت ڪئي ته هو سڀاڻي ايون کي اعتماد ۾ وٺي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.