اسلام آباد (م ڊ) ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. مشاهد حسين سيد چيو ته عمران خان پاران آرمي چيف کي لکيل خط هاڪاري قدم آهي، ويجهڙ ۾ هن خط جو جواب به ايندو. هن جو چوڻ هو ته قيدي نمبر 804 ۽ گيٽ نمبر 4 وچ ۾ فاصلو گهٽائڻ ضروري آهي. زاهد گشڪوري ولاگ ۾ چيو ته عمران خان بئريسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور کي ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پ پ مان به ٻن اهم شخصيتن کي ڳالهين ۾ شامل ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد، عمران خان جي زال سميت ٻين اڳواڻن لاءِ رليف جا امڪان آهن، پر هي عمل عيد کانپوءِ اڳتي وڌندو. ان کان اڳ انصار عباسي موجب عمران خان وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ تي راضپو ڏيکاريو آهي. هن گوهر علي خان کي اڊيالا جيل ۾ ملاقات دوران هدايت ڏني ته ڳالهين جو عمل ميڊيا کان پري رکيو وڃي ته جيئن معني خيز نتيجا نڪري سگهن. پي ٽي آءِ ذريعن موجب عمران خان چاهي ٿو ته ڳالهين کي ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هجي.