”ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو سپريم ڪمانڊر صدر زرداري به اڳيان اڳيان رهيو“

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن نهايت اهم آهي، صدر آصف علي زرداري،  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ محترمه فريال ٽالپر جي هدايتن تي سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سڄي سنڌ ۾ يومِ فتح ۽ يومِ تشڪر ملهائي رهيا آهيون. اسان جي اها ڪاميابي ايندڙ نسلن کي به ياد رهندي. ڪراچي ۾ يومِ تشڪر ۽ يومِ فتح جي حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن چيو ته اسان جي سامونڊي، ھوائي ۽ بري فوج جي بهادر جوانن ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، ڀارت جو ايشيائي ٽائيگر ٿيڻ جو خواب پاڪستان چڪنا چور ڪري ڇڏيو.. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندي رهي، ڀارتي حڪومت پاڪستاني چينلن، وي لاگرز ۽ يوٽيوب اسٽريمز تي پابنديون لڳايون، پر پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن چيو ته هي جنگ ڀٽو خاندان به وڙهي، ڀارت جنگ ڪندو رهيو ۽ ساڳئي وقت ڊڄندو به رهيو ته پاڪستان ڪٿي ايٽمي هٿيارن جو بٽڻ نه دٻائي ڇڏي. پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ ڪو ٻيو نه، پر قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو. هن چيو ته هن جنگ ۾ شهيد بي بي به ياد آئي،هن جنگ ۾ پاڪستان جو سپريم ڪمانڊر صدر آصف علي زرداري به اڳيان اڳيان رهيو، ۽ هن خاندان جي ٽيون نسل چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ميدان ۾ موجود ھو. ڀٽو خاندان جا ٽي نسل هن جنگ ۾ شامل رھيا، سندن ڪارناما هن جنگ ۾ اڳيان رهيا. جيستائين دنيا قائم آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.