رهائشي پلاٽن تي واپاري سرگرمين جي اجازت وارو نوٽيفڪيشن واپس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رهائشي پلاٽن تي واپاري سرگرمين جي اجازت ڏيڻ واري معاملي تي جماعت اسلامي  جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي وقتي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪئي وئي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کهڙي عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته 13 مارچ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واپس وٺي رهيا آهيون. نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ بعد عدالت مختصر حڪم جاري ڪندي جماعت اسلامي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.  هي درخواست جماعت اسلامي طرفان سٽي ڪائونسل ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيف الدين ايڊووڪيٽ ۽ نَو ٽائون چيئرمينن داخل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.