ڀارتي چينل ڪارٽون نيٽ ورڪ پيا لڳن: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه ڀارتي حملن ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمين لاءِ امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو. شهيدن جي وارثن کي هڪ  ڪروڙ ۽ زخمين کي 10، 10 لک ڏنا ويندا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڀرتي چينل ڏسو ته لڳي ٿو ته ڪارٽون نيٽ ورڪ ڏسي رهيو آهيان، ڀارتي ميڊيا پنهنجي ڪوڙ تي معافيون به ورتيون.  يومِ اظهار تشڪر جي موقعي تي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ قوم لوهي ڀت بڻجي وئي جنهن تي کين مبارڪ ڏيان ٿو، اسان جي فوج وري ثابت ڪيو ته وطن جي دفاع لاءِ اسان هر وقت تيار آهيون. پاڪ فوج ثابت ڪيو ته وطن ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ وارن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو چيو هو ته سنڌ ۾ پاڻي وهندو يا مودي جو رت وهندو. ڀارت دنيا جو بهترين جهاز رافيل ته ورتو پر ان لاءِ وٽن بهترين پائليٽ نه هئا، هن جنگ ۾ سنڌ ۾ پهريون شهيد مختيار لغاري آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڀارت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو، ڀارتي فوج جي ترجمان پاڪستان کي بيهڻ جو چيو، صدر ٽرمپ پاران سرنڊر جي اعلان تي ڀارتين مودي تي تنقيد ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ وارن کي ڪڏهن ناهي روڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.