ٽرمپ آءِ فون جي پيداوار ڀارت منتقل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايپل ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ٽم ڪڪ کي اپيل ڪئي ته هو آءِ فون جا ڀارت ۾ پلانٽ ٺاهڻ واري عمل کي روڪي. ٽرمپ چيو ته گذريل ڏينهن ٽم ڪڪ سان ڳالهيون ٿيون، ٽم ڪڪ ڀارت ۾ پلانٽ هڻڻ چاهي پيو پر مان ائين نٿو چاهيان، اپيل آمريڪا ۾ پنهنجي پيداوار وڌائيندو. صدر ٽرمپ چيو ته ڀارت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس جي رنڊڪن جو شڪار ملڪ آهي ۽ آمريڪي شين کي  اتان وڪرو ڪرڻ ڏکيو آهي. ڀارت آمريڪي شين تي ٽيڪس گهٽ ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي ڇو ته ڀارت درآمدي ٽيڪسن تي هڪ معاهدو چاهي ٿو، اهي بيانن ايپل جي منصوبا بندي ۾ رنڊڪ وجهي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.