سياسي ڌرين ٻٻرلو ڌرڻي بعد تحريڪ جي مالڪي نه ڪئي،وڪيلن کي به ٽوڙڻ جون ڪوششون؟

ڪراچي(عاجز جمالي)سنڌ ۾ وڪيلن پاران ھڪ ڪامياب تحريڪ ھلي ھئي ڀلي اھا ٿوري وقت لاءِ ڪامياب ھجي جنھن جي دٻاءٌ جي نتيجي ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي گوڏا کوڙڻا پيا ھئا ۽  سي سي  آئي جو اجلاس گھرايو ويو ھيو ۽ اعلان ڪيو ويو ھيو تھ ڪنھن بھ صوبي جي مرضي بنا  سنڌو درياءَ تي ڪو بھ ڪينال نھ ٺاھيو ويندو. وڪيلن اھا تحريڪ شروع ڪئي پر سياسي ڌريون بھ انھن سان گڏ ھيون  تقريبن ٻھ ھفتا اھو ڌرڻو ٻٻرلوءِ وٽ ھليو. ڪاميابي ۾ سياسي ڌرين سول سوسائٽي،وڪيلن سڀني جو حصو ھيو.جيئن ئي ڌرڻو ختم ٿيو تھ وڪيلن خلاف عجيب قسم جي پروپيگنڊا مھم شروع ٿي وئي.ڪجھھ چون ٿا تھ وڪيلن پلاننگ تحت مھم ھلائي، ڪجھھ چون ٿا وڪيل وڪامجي ويا.ان۾ سنڌ جا سمورا بار شامل ھئا. بار ايسو سيئيشن ۾ ڪنھن ھڪ ڌر جا ماڻھو ناھن ھوندا. ان ۾ سڀني ڌرين جا حامي ھوندا آھن. ان تحريڪ ۾ پ پ  ، ايس يو پي، سميت سمورين سياسي ڌرين جا حامي وڪيل شامل ھئا. عامر وڙائڇ ڪنھن سياسي ڌر سان وابستھ ناھي،ڌرڻي ختم ٿيڻ وقت اھو طئي ٿيو ھيو تھ ڪميٽي جڙندي جيڪا انھن ڪارپوريٽ فارمنگ جي دستاويزن جو جائزو وٺندي. نھ ٿو لڳي تھ وڪيل يا سنڌ سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ جو ڪو حل ڪڍي سگھندا.سنڌ حڪومت ان لاءِ ڏنل زمين واپس نھ ڪرائي سگھندي.ان ڳالھھ ٻولھھ ۾ جيڪا جيڪا زمين ڏني پئي وڃي ان جا تفصيل سامھون ايندا. زمين جي ماپ سميت ٻيا معاملا سامھون نھ آيا آھن. وڪيلن واري تحريڪ کي سياسي ڌرين پاران  مالڪي ڪرڻي هئي ۽ اڳتي وٺي ھلڻو ھيو پر اھو نھ ٿي سگھيو.ھن وقت سوچي سمجھي پلاننگ تحت وڪيلن کي تقسيم ڪيو پيو وڃي. ممڪن آھي تھ سنڌ يا وفاقي حڪومت يا اڻ ڏٺل قوتون  ان  کي ٽوڙڻ گھرن. ٻاھر ويٺل سياسي سماجي  اڳواڻن کي گھرجي تھ وڪيلن کي ائين  تنقيد جو نشانو نھ بنائڻ گھرجي.

هاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف فيصلو ڪميٽي روم نه پر روڊن تي ٿيندو: وڪيل

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد  ابڙو) ڪارپوريٽ فارمنگ، 26 هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ خلاف لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جتي وڪيلن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي بار جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي، ايڊووڪيٽ جاويد گوپانگ، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ شفقت رضا جتوئي، ايڊووڪيٽ هزار احمد مهيسر، ايڊووڪيٽ طاهر رند، ايڊووڪيٽ ممتاز جيسر ۽ ٻين وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مارچ مهيني ۾ وڪيلن ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف به تحريڪ شروع ڪئي هئي ۽ ڪئنالن وارو فيصلو واپس ٿيو ته  ان وقت ڪجهه دوستن جي راءِ هئي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري کي ختم نه ڪيو ويندو پر اڪثريت اِهو فيصلو ڪيو ته ڌرڻو ختم ڪري ڪميٽي ٺاهي سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪنداسين جنهن کان پوءِ 13 مئي تائين ڪميٽي ٻٻرلوءِ ۾ موجود هئي پر سنڌ حڪومت جو ڪو به نمائندو نه آيو پر هاڻي آل سنڌ لائيرس ايڪشن ڪميٽي مذاڪراتي ڪميٽي ختم ڪري ڇڏي، اسين سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته توهان سان فيصلو ڪنهن ڪميٽي روم نه پر روڊن، رستن، چوڪن، چوراهن، وستي واهڻ ۾ ٿيندو، ڪشمور کان ڪراچي تائين وڪيل ثابت ڪري ڏيکاريندا ته وري سنڌي قومي اٿي پئي آهي ۽ توهان کي ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو، هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي ايئن ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي پر هاڻي سنڌي قوم انهن کي اها ڳالهه سمجهائيندي، ان لاءِ سنڌ جون سڀئي سياسي سماجي تنظيمون، قومي ڪارڪن، شاگرد، نياڻيون، مائرون ۽ ڀينرون نڪري پونديون ته سنڌ حڪومت کي ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو ۽ قوم جي آڏو گوڏا کوڙڻا پوندا، وڪيل اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪاپوريٽ فارمنگ ذريعي ڪمپنين کي ڏنل سنڌ جون زمينون واپس ڪرائي 26 هين آئيني ترميم کي ختم ڪري پيڪا ايڪٽ وارو ڪارو قانون واپس ورتو وڃي، ٻي صورت وڪيلن جو احتجاج جاري رهندو.

ڪارپوريٽ فارمنگ رد، هارين کان زمينون کسڻ قبول ناهي: جي ڊي اي

ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (GDA) جي ڪور ڪميٽي جو اهم اجلاس پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ راجا هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پير سيد صدر الدين شاهه راشدي، مرتضى خان جتوئي، سيد زين شاهه، ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ڊاڪٽر فهميده مرزا، سيد مظفر حسين شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، احسان جتوئي، راحيلا مگسي، مظهر راهوجو، مظفر بروهي، سائرا بانو، ارباب ابراهيم ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي عوام طرفان ڪينالن جي منصوبي خلاف تاريخي جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. جي ڊي اي جي قيادت واضع ڪيو ته سنڌ ۾ ڪينالن جو منصوبو ڪنهن به صورت قبول نه ٿيندو.ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جهڙن فيصلن کي پڻ رد ڪيو ويو جي ڊي اي جي قيادت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هارين کي بي گهر ڪرڻ واري عمل کي ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. گڏوگڏ، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کي غير قانوني ۽ بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو. پاڪستان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کان اميد ظاهر ڪئي وئي ته ڀارت کي اهو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويندو ۽ راوي ۽ ستلج جي عوام جي حقن کي تسليم ڪيو ويندو. جي ڊي اي قيادت آئين ۽ قانون جي بالادستي تي زور ڏيندي چيو ته 26هين آئيني ترميم آئين جي بنيادن کي ڪمزور ڪيو آهي، جڏهن ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمن سان صحافتي آزاديءَ تي سخت وار ڪيو ويو آهي ڪراچي ۾ وڌندڙ گرمي دوران پاڻي جي شديد ۽ ٽينڪر مافيا جي وڌندڙ قيمتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي مستقبل ۾ ٻين اپوزيشن ڌرين سان رابطن ۾ رهڻ ۽ قومي ايجنڊا تي گڏيل گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.

سنڌ جي وڪيلن سان گڏ آهيون:انتظار حسيب پنجوٿا

حيدرآباد(رپورٽر) پي ٽي آءِ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فوڪل پرسن ۽ لائيرز ونگ جي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ  انتظار حسيب پنجوٿا چيو آھي ته سنڌ جو ماڻھو ھاڻي دوکي ۾ نه ايندو، توھان کي ڪينال ختم ڪرڻا پوندا، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت ڪمپنين کي ڏنل زمينون واپس ڪرائڻ کانسواءِ ڪا به ڳالهه نه ٻڌي ويندي،  عمران خان سنڌ جي ماڻھن سان گڏ آھي، سنڌ جا وڪيل ھاڻي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي وڪيلن مان مايوس نه ٿين، جدوجھد ۾ سنڌ حڪومت وڪيلن جا فنڊس بند ڪيا ته اسان پي ٽي آءِ وارا ڪي پي ڪي حڪومت کان سنڌ جي وڪيلن کي فنڊ وٺي ڏينداسين، حيدرآباد جي وڪيلن تاريخ رقم ڪري جدوجھد ڪري ڪئنال منصوبي کي رد ڪرايو، عمران خان کين مبارڪ ڏني آھي. ڪالهه حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف لائيرز ونگ طرفان گڏيل طور  سنڌو درياھه تي ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، 26 هين ترميم, پيڪا قانون ۽ ملڪ اندر فوجي عدالتن جي مخالفت جي عنوان سان تقريب منعقد ڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ جا وڪيل سنڌ جي وجود خاطر ھڪ آھن ۽ اسين ساڻن گڏ آھيون، گرين پاڪستان انيشيٽِوِ جي نالي تي سنڌ جي هڪ ايڪڙ زمين به ڪنهن کي ڏيڻ نه ڏينداسين. تقريب کي ھاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ اشعر مجيد کوکو، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ فيصل مغل، ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ ڀگوان داس ڀيل ۽ ايڊووڪيٽ اسلم لغاري سميت ٻين وڪيلن تقريب کي پڻ خطاب ڪيو.

سنڌ جا ماڻهو ڪئنال ٺاهڻ ۽ زمينون نه ڏيندا:اياز پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ وسيلن تي ڌاڙي خلاف اڄ  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي شهر جي ٻٻر اسٽاپ کان بھار چونڪ تائين ريلي ڪڍي ويندي جتي جلسي عام ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو ته تونسا پنجند، چشمه جهلم ۽ گريٽر ٿل مسلسل وهايا پيا وڃن  ۽ سنڌ سڪي رهي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. سي سي آءِ واضح فيصلو ڏيڻ بدران معاملي کي لٽڪائي ڇڏيو آهي.  نوان ڪينال ٺاهڻ ۽ چشمه  تونسا ۽ ٿل ڪينالن کي مسلسل وهائڻ غير آئيني عمل آهي،هن چيو ته  پيپلز پارٽي ۽ ان کي اقتدار تي مسلط ڪندڙ طاقتن کي ھر صورت ۾ ڪئنالن جي منصوبي تان دستبردار ٿيڻو پوندو. سنڌو درياھ 7 ڪروڙ ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ٻڌي ڇڏين ته سنڌ جا ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ زمينن جو سودو ۽ ڪئنال ٺاھڻ نه ڏيندا.

ڊيلٽا مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾  چيو آهي ته پنجاب سنڌ کي هٿ وٺي سڪائي ڇڏيو آهي. پنجاب جي جنگ سنڌ سان آهي. انڊس ڊيلٽا تباهي ڪناري آهي. ڊيلٽا مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب دنيا جو وڏو ڊيلٽا مرڻينگ حالت ۾ آهي. پنجاب ڌاڙيل واهه بند ڪرڻ جو سلسلو بند ناهي ڪيو. ڌاڙيل واهن ذريعي سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال سنڌي عوام جي رت جا پياسا واھ آهن. ڌاڙيل واهن ذريعي پاڻي چوري ڪري سنڌ جي هارين جو معاشي قتلام ڪيو ويو آهي. سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪي آهي. پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن جي وات مان هڪ اکر نٿو نڪري.

سنڌ واسي ڪئنالن خلاف ڊگهي جدوجهد لاءِ تيار رهن:رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ  جي ماڻھن کان جياپي جو ذريعو پاڻي به کسين پيا زمينون به کسين پيا ٽوئر ازم قديمي ماڳ ۽ معدني وسيلا کسجن پيا هي سڀ تياريون ڪيون ويون آھن ترقي جي نالي تي هي سڀ  ڌرتي لاءِ تباهي جا منصوبا آھن جيڪي اسان کي قبول ناهن هن چيو ته  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينون کسڻ جبر جي بنياد تي ڪئنال ڪڍڻ ظلم جي انتها آھي سنڌ جا ماڻھون ان جبر ۽ ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ڊگهي تاريخ رکن ٿا تنهنڪري اسان انهن منصوبن خلاف سنڌ جي ماڻھن وٽ وينداسين حڪمرانن جي ظلم خلاف ڊگهي جدوجهد ڪنداسين سنڌ جا ماڻھو  تيار رهن

ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس پيا ٿين:صنعان قريشي

نوابشاھ/مٽياري(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام سان گڏ نوابشاھ ۽ مٽياري  پهچي ويو،  آصف رضا مگسي، رشيد ڏيٿو مسعود شاھ سميت وڏي قافلي سان گڏ نوابشاھ 60 ميل  جسقم ضلعي نوابشاھ چيف آرگنائيزر شعبان ماٽي جي ڳوٺ پهچي ويو، ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار جسقم اڳواڻ جي ٻن پٽن کي جيل مان آزاد ٿيڻ تي ۽ مٽياري جي اڳواڻ سرجيل سالاريون ۽ ذوالفقار ڏيٿو تي داخل ڪوڙڻ ڪيسن مان ضمانت ٿيڻ تي اجرڪ ۽ لونگي جو تحفو ڏنو، ان موقعي تي مٽياري ۽ نوابشاھ سٺ ميل ۾ صنعان خان قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاهڻ خلاف 8 مهينن کان مسلسل جسقم ڪارڪن جدوجهد جي عمل ۾ سرگرم رهيا آهن، تنهن ڪري سرڪار جسقم ڪارڪن کي هراسان ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا آهن، جيڪو عمل برداشت نه ڪنداسين، جسقم ڪارڪن ننڌڻڪا ناهن انهن سان سڄي سنڌ گڏ آهي، هن چيو ته  ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياھ مٿان ڪو به ڪينال ۽ ڊيم قبول ناهي.

ڪارپوريٽ فارمنگ سان سنڌ وڌيڪ متاثر ٿيندي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙڇاڙ کي پاڪستان خلاف اعلان جنگ تصور ڪيو وڃي،سنڌ  طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ مان سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ صوبو ٿيندو، ڇو ته سنڌ درياء جي پوڇڙي تي هجڻ سبب اڳ ئي پاڻيءَ جي سخت کوٽ جو شڪار آهي. پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جي زمين بنجر ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي لڳ ڀڳ 50 لک ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ جي حوالي ٿي چڪي آهي. پاڻي جي کوٽ سبب نه صرف انساني زندگي پر آبي حيات به شديد متاثر ٿي رهي آهي ۽ سوين ماڻهو پنهنجي اباڻن علائقن مان لڏي وڃڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ بينڪ جي مطابق سنڌ طاس معاهدي ۾ اهڙي ڪا به شق ناهي جيڪا ان کي يڪطرفي طور معطل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي اجازت ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.