ايئر فورس زمين، آسمان ۽ ڊجيٽل محاذ تي ڀارت کي شڪست ڏني

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)پهلگام حملي کان فوري پوءِ، پاڪستان جي هوائي فوج الرٽ ٿي وئي هئي.رات جو 12 وڳي 10 منٽ تي ڀارت جا جهاز پاڪستان جي سرحد جي ويجهو پهچي ويا. ان وقت پاڪستان لائيو ٽائيم تي انهن جي نگراني ڪري رهيو هو. رڳو ٻن منٽن جي فرق سان پاڪستان جا جهاز ڀارتي فضائيه جي سامهون بيٺل هئا. جيڪو واقعو توهان 6 ، 7 جي رات يا 9 ۽ 10 مئي جي رات ڏٺو، ان ۾ پاڪستان جي هوائي فوج هڪ تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو. ان ڪارنامي کي هاڻ سرڪاري طور "معرڪه حق” جو نالو ڏنو ويو آهي. ان جو ڪريڊٽ پاڪستان جي فوج کي ٿو وڃي.ڪنهن به شڪ کانسواءِ، هيءَ جنگ فضائن ۾ نه پر خلائن ۾، يعني اسپيس ۾ وڙهي وئي. هيءَ دنيا جي انوکي جنگ هئي، هيءَ هڪ ”چومکي“ جنگ هئي، جنهن ۾ پاڪستان جي هوائي فوج نه رڳو زمين، هوا ۽ آسمان تي وڙهي، پر هڪ ڊجيٽل محاذ تي به ڀارت کي شڪست ڏني. هن جنگ ۾ سائبر، اسپيس، ۽ روايتي جنگي طريقن جو امتزاج هو.آمريڪا جي اهم اداري ”دي ڊپلوميٽ“ پاران به پاڪستان جي جنگي ڪاميابيءَ تي تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڀارت جي دعوائن بابت نيو يارڪ ٽائمز ۾ ڇپيل خبر کي ڪيترائي صحافي جعلي سمجهن ٿا2019 کان پوءِ پاڪستان جي هوائي فوج پاڻ کي جديد ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل نظام، ۽ اسپيس وارفيئر ۾ مضبوط ڪيو. ڀارت جي جديد ترين رافيل جهازن کي پاڪستان جي جديد ٽيڪنالاجي جيم (jam) ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جو ريڊار، جي پي ايس، ۽ ڪميونيڪيشن نظام بند ٿي ويو. پاڪستان جي سائبر ڪمانڊ انهن کي انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو بڻائي ڇڏيو.جي ايف-17 ٿنڊر، جي-10سي، ۽ ٻيا جديد جهاز پاڪستان جي دفاع لاءِ ميدان تي موجود هئا. ڀارت جا 72 جهاز هئا، جڏهن ته پاڪستان جا 42. ان باوجود پاڪستان برتري حاصل ڪئي.هن جنگ جو روح ڊجيٽل ۽ سائبر وار فيئر هو. پاڪستان جي شاهينن، ڊجيٽل، اسپيس، سائبر ۽ روايتي جنگي ميدانن ۾ ڀارت کي شڪست ڏني. ان آپريشن ۾ ڀارت جا گهٽ ۾ گهٽ 6 جهاز تباهه ٿي چڪا آهن، ۽ شايد ستين جي به تصديق ٿي وڃي.پاڪستان جو جديد "ايئر آپريشن سينٽر” جيڪو موجوده ايئر چيف جي قيادت ۾ ٺاهيو ويو، هن جنگ جو مرڪز هو. هن سسٽم جي ذريعي دشمن کي ڊٽيڪٽ، ڪميونيڪيشن بلاڪ، جيم ۽ آخرڪار ڊسٽرائي ڪيو ويو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 16 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.