قمبر/لاڙڪاڻو(نمائندا) صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ درٻار ھال ڊپٽي ڪمشنر آفيس قمبر ۾ منعقد ڪيل ھڪ اعلي سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي مير نادر علي مگسي، برهان خان چانڊيو، جميل احمد سومرو، ترجمان /ڏسو صسنڌ حڪومت بلند خان جوڻيجو، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن طاھر حسين سانگي،ڊپٽي ڪمشنر قمبر-شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو، پ پ پ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي اڳواڻن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ تعليم کاتي جي آفيسرن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته جيڪي به ميرٽ جي بنياد تي استاد پاس ٿيا ھئا انھن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن باقي رھيل اميدوارن کي پڻ جلد آرڊر ڏنا ويندا. هن چيو ته جنهن اسڪول ۾ 40 شاگرد ھوندا ته انهن تي ھڪ استاد ۽ جتي 80 شاگرد ھوندا ته انهن تي 2 استاد مقرر ڪيا ويندا هن چيو ته اسڪولن ۾ چوڪيدار ۽ سينيٽري ورڪر لوڪل ماڻهو مقرر ڪيا ويندا جنهن کي ان اسڪول جو ھيڊ ماستر يا پرنسپال مقرر ڪندو، هوڏانهن سيد سردار علي شاهه چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي لاڙڪاڻي پهچي ڊپٽي ڪمشنر جي درٻار هال ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پوري صوبي ۾ ايجوڪيشن ورڪس جي اسڪيمن جي حوالي سان لاڙڪاڻو ڊويزن جي چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، سينيٽرز، ميئر، چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اڄ لاڙڪاڻي پهتو آهيان سنڌ حڪومت ٻيهر ڀرتين جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ 20 هزار اسڪول مڪمل طور يا جزوي طور تباهه ٿي ويا انهن جي بحاليءَ لاءِ ايترا وڏا فنڊ سنڌ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ کان چار گريڊ جي ڀرتين لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،هن ڀيري فرنيچر جا پئسا هيڊماسترن کي ڏيون پيا