اٻاوڙو/رائونتي(نمائندا) اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ گھوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس آپريشن دوران ڏوھارين ۽پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 پوليس اهلڪار زخمي ۽ 5 ڏوھاري به زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن پوليس ترجمان موجب ڪجھ ڏينھن پھريان سرحد جا رھواسي 2 ڀائر نوجوان جاويد ۽ صدام مھر آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان مڇي جي تلاء تان مبينا طور اغوا ٿيا ھئا جنھن جي بازيابي لاءِ پوليس ايس ايس پي گھوٽڪي ڊاڪٽر سميع اللہ سومرو جي حڪم تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو ۾ ڊي ايس پي رانوتي زاھد حسين ميراڻي جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس چين اي پي سيز بڪتر بند گاڏيون ذريعي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ رائونتي ڪچي واري علائقي ۾ لٿل شر گينگ ميراڻي گينگ ۽ مختلف ڏوھارين جي خلاف ڪاروائيون تيز ڪري ڇڏيون ڏوھارين جو گھيرو تنگ ڪري ٿاڪن ڊاھي پٽ ڪيو ويو پوليس موجب ٻڌايو پيو وڃي ته ڏوھارين جي ٿاڪن مان ڪجه موبائل فونز ۽ فوٽو مليا آهن جڏھن تہ ڏوھارين سان مھاڏو اٺڪائيندي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيا آھن ۽ 5 ڏوھاري زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين مغوين جي بازيابي عمل ۾ ناھي اچي سگھي گھوٽڪي پوليس رانوتي ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا آهن ڏوھارين جي ڏوھارين جي گرفتاري تائين ڪچي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري رھندي .