اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران گهرو وزير جي غير موجودگي تي ميمبرن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته، ” گهرو وزير هتي اچن ئي نٿا، جڏهن ته هن ايوان هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي، ان بابت اڃا تائين ڪو جواب ناهي آيو.” پيپلز پارٽي جي ئي ايم اين اي عبدالقادر پٽيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو، "هن ايوان جو هر ميمبر چئي رهيو آهي ته گهرو وزير کي ڏسڻ چاهيون ٿا، هو صرف اچي اسپيڪر جي ڊائس اڳيان پنهنجو چهرو ڏيکاري ڇڏين.” وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، "قرارداد جي حوالي سان اييوي ايشن واري وزير سان ڳالهائيندس ۽ ايوان کي آگاه ڪندس. ايئرپورٽ بابت معلومات وٺي ٻڌائيندس.”هن چيو ته، "محترمه بينظير ڀٽو لاءِ مان دل ۾ وڏي عزت رکان ٿو، اسان ته بينظير ڀٽو جي نالي تي اسپتال به قائم ڪئي آهي.” اعظم نذير تارڙ چيو، "مان وزير داخلا سان ڳالهائيندس ته اچن ۽ پنهنجي زيارت ڪرائن .