حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي سرفراز ڪالوني ۾ جوابدار هٿان فائرنگ ڪري زخمي ڪيل زال جي فوت ٿيڻ بعد زخمي سس بهدم ڏئي ڇڏيو، سندن وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي احتجاج ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي گھر ڪئي، احتجاج ۾ مرد ۽ عورتون شريڪ ھيون، سندن چوڻ ھو ته ايڏو وڏو سانحو ٿيو پر پوليس اڃا تائين ڪيس ۾ نامزد جوابدار شبير آرائين ۽ ٻين کي گرفتار ناهي ڪيو، بعد ۾ احتجاج دوران ايس ايس پي حيدرآباد پاران جلد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم ڪيو ويو، ياد رھي ته ڪجھه ڏينھن اڳ شبير آرائين نالي جوابدار مائٽن ۾ رهندڙ پنهنجي زال صبا ۽ سس شڪيلا تي فائرنگ ڪئي ھئي، زخمي صبا 2 ڏينهن اڳ فوت ٿي هئي جڏهن ته سندس زخمي امڙ شڪيلا به اسپتال ۾ دم ڏنو، جنهن بعد سندن وارثن لاش رکي احتجاج ڪيو.