حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته گلوبل وارمنگ، گرمي، ڏڪار ۽ ماحولياتيتبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وڻڪاري بدران حڪمران، سردار ۽ وڏيرا سڄي سنڌ ۾ ٻيلن، ڪچي، روينيو، ھاء ويز ۽ آبپاشي جي زمينن تان وڻ وڍرائي رھيا آھن،سنڌ جي عوام، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي شديد مزاحمت ڪرڻي پوندي،هن چيو ته سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي. ٻيلا، زراعت ختم ٿي وئي ته سنڌ دوزخ بنجي ويندي،سنڌ جي ماڻھن کي ٻيلن جي واڍي خلاف اٿڻو پوندو. وڻڪاري ڪرڻ گھرجي،هن چيو ته گرين پاڪستان دراصل سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. 6 ڪئنال سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيندا. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون.انڪري سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن. 16 مئي تي ڪوٽڙي، 18 مئي تي گولاڙچي ۽ 23 مئي تي مورو ۾ ڪئنالن ۽ زمينن جي سودي خلاف ريليون ڪڍيون وينديون.