قومي خزانو لٽڻ وارن حڪمرانن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي:ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ٽيڪس چورن، انهن جي مدد ڪندڙ آفيسرنسان گڏوگڏ ملڪ جو خزانو لٽيندڙحڪمرانن خلاف به سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ کپي.ننڍن ۽ ڪمزور ماڻهن کي ته معمولي بجلي جو بل به نه ڏيڻ تي گرفتار ڪيووڃي ٿو، جڏهن ته سڄو ملڪ لٽيندڙ طاقتور پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. ميڊيا رپورٽن مطابق پاڪستان ۾ هر سال پنج هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿئي ٿي، ڪاشف سعيد شيخ پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبرن طرفان اثاثن جي ظاهر ڪرڻ جي مخالفت واري ترميمي تجويز کي هن "چور جي ڏاڙهي ۾ تنڪو” قرار ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اثاثا به اڌورا هوندا آهن، جنهن ڪري ڪيترن ئي ميمبرن کي سيٽ وڃائڻيون پيون، پوءِ به اثاثا لڪائڻ ۽ اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.عوام کي ڄاڻڻ گهرجي ته سندن نمائندو چونڊ کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترا اثاثا رکي ٿو،هن چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ ڪرپشن سبب عوام لاءِ مهانگائي ۽ بيروزگاري جو عذاب وڌي ويو آهي. هاڻ ملڪ مان مافيا جي سياست ختم ڪرڻي پوندي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.