گڏاپ/پنوعاقل(نمائندن وٽان)پني عاقل جي ڳوٺ امير بخش ڪلهوڙو جي رهواسي نينگر مجيب الرحمان ڪلهوڙو کي ڪراچي جي علائقي مين سپر ھاءِ وي دمبا ڳوٺ جي خالد بن وليد مدرسي ۾ پيش امامپاران مبينا بدفعلي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، ڄاڻ موجب واقعي کان پوءِ مولوي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏھن تہ معصوم ٻار جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول نينگر جي چاچي عبدالهادي ڪلهوڙو جو چوڻ آھي تہ نينگر جي لاش کي ڳلي تي رسي جا واضح نشان آهن نينگر کي بدفعلي کان پوءِ گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، معصوم ٻارڙو ٽن سالن کان وٺي مدرسي ۾ پڙھندڙ ھو والد به ڪجھ سال اڳ فوت ٿي چڪو ھو، ٻئي طرف ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن جاويد سومار مدرسي پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو پڻ ڪيو، حراست ۾ ورتل مولوي کان پڇا پڻ ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي پوسٽ مارٽم بعد رپورٽ اچڻ تي خبر پئجي ويندي معصوم نينگر جي خون سان انصاف ڪيو ويندو.