قطر پاران آمريڪا کان 200 ارب ڊالر جا 160 جهاز خريد ڪرڻ جو معاهدو

دوحا(م ڊ) قطر ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري ۽ دفاعي نوعيت جا اهم معاهدا طئي ٿي ويا آهن، عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اميرِ قطر شيختميم بن حمد آل ثاني، معاهدن تي صحيحين واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، معاهدي تحت هڪ آمريڪي ڪمپني قطر کي 160 هوائي جهاز فراهم ڪندي، جن جي مجموعي ماليت 200 ارب ڊالر آهي، معاهدي موجب آمريڪا نه رڳو قطر سان دفاعي شعبي ۾ سهڪار وڌائيندو، پر ڊرون جهاز به مهيا ڪندو، ان موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته قطر سان هوابازي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو واپاري معاهدو طئي ٿيوآهي.

  1.  سٽي ڪورٽ ۾ سهولتن جي کوٽ تي لاڳاپيل فورمن کان تجويزون طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بئنچ ۾ جسٽس آغا فيصل ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سٽي ڪورٽ ۾ سهولتن جي کوٽ ، سيڪيورٽي ۽ مسئلن جي حل لاءِ داخلدرخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪراچي بار ايسوسيئيشن، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار، سنڌ بار، سنڌ حڪومت، فوڪل پرسن ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن، ٻڌڻي دوران جسٽس آغا فيصل چيو ته سٽي ڪورٽ جي عدالتن جي مسئلن جو فوري ۽ ڊگهي مدي واري حل ڳولڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ملڻ گهرجي،عدالت کي ٻڌايو وڃي ته مسئلن کي فوري طور تي ۽ ڊگهي مدت جي حل لاءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو،عدالت ڌرين کان 29 مئي تي آخري تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن، جسٽس آغا فيصل رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته  سٽي ڪورٽ جي عدالتن ۾ بنيادي مسئلن جي حل جو اصل فائدو عدليه يا وڪيلن کي ٿيندو، جسٽس آغا فيصل چيو ته هڪ اهڙو طريقو ٺاهيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت کي ڏنو وڃي ته جيئن اها مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگهي، گذريل اجلاس کان پوءِ ڪراچي بار ايسوسيئيشن، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار، فوڪل پرسن آءِ جي سنڌ، ڪي ايم سي، سنڌ حڪومت ۽ ٻين معاملن جا منٽس عدالت ۾ پيش ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.