نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي پارٽي بي جي پي جي ڪارڪنن،حيدرآباد شهر ۾ واقعي مشهور ’ڪراچيبيڪري‘ تي نالو پاڪستان سان لاڳاپيل هجڻ جي الزام ۾ ڀڄ ڊاهه ڪئي، رپورٽ موجب حملي آورن پاڪستاني جهنڊن کي لتاڙي پاڪستان مخالف نعرا هنيا۽ بيڪري جي سائن بورڊ تي لکيل ’ڪراچي‘ لفظ کي لٺين سان ڊاهڻ لڳا، پوليس آفيسر ڪي بالاراجو موجب بي جي پي ڪارڪن شمس آباد واري ڪراچي بيڪري آڏو اچي احتجاجي نعرا هنيا ۽ سائن بورڊ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ڪارروائي ڪري حمله آورن کي حراست ۾ ورتو، پر شڪايت داخل نه ٿيڻ ڪري سڀني کي آزاد ڪيو ويو، ’ڪراچي بيڪري‘، جيڪا 1953ع کان حيدرآباد ۾ قائم آهي، تقسيم هند کان پوءِ بيڪري ڀارت جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي نالي سان هلي رهي آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران اهڙا واقع پيش ايندا رهيا آهن.