راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دشمن جي ڪا به سازش پاڪستان جي هٿياربند فوج جي عزم کي ڪمزور نٿي ڪري سگهي، جڏهن ته اسان جي شهرين ۽ سپاهين جي بهادري ۽ قرباني پاڪستان جي سلامتي جي بنياد آهي، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير سي ايم ايڇ راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن زخمي اهلڪارن ۽ شهرين جي عيادت ڪئي ۽ انهن جي خيريت پڇي، ان موقعي تي، پاڪ فوج جي سربراهه هر زخمي اهلڪار سان ملاقات ڪئي، انهن جي غير معمولي بهادري ۽ فرض شناسي جي واکاڻ ڪئي، آرمي چيف زخمين جي مستقل سنڀال، بحالي ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ هٿياربند فوج جي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو، ان موقعي تي جنرل عاصم منير چيو ته "اسان جي شهرين ۽ سپاهين جي بهادري ۽ قرباني پاڪستان جي سلامتي جي بنياد آهي، سڄي قوم پنهنجي فوج جي هر سپاهي سان پرعزم يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، هن وڌيڪ چيو ته "معرڪا حق/ آپريشن بنيان مرصوص دوران گڏيل ۽ پرعزم ردعمل سامهون آيو، جيڪو عوام جي ثابت قدمي ۽ حمايت سان ملڪ جي عسڪري تاريخ جو هڪ فيصلائتو باب بڻجي چڪو آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير جو وڌيڪ چوڻ هو ته "دشمن جي ڪا به جارحيت پاڪستان جي فوج جي عزم کي متزلزل نٿي ڪري سگهي،