پاڪستان ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو:عمرعبدالله

سري نگر(م ڊ)والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ عمر عبدالله چيو آهي ته "اسان اهڙي جاءِ تي اچي پهتا آهيون، جتي جو تصور به نه ڪيو هو، سڀ ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان مسئلو ڪشمير عالمي سطح تي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي،انڊين ٽي وي چينل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عمر عبدالله چيو ته پاڪستان جي خواهش موجب آمريڪا به هاڻ ڪشمير جي معاملي تي ثالثي لاءِ تيار ٿي ويو آهي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح طور چيو آهي ته هو ٻنهي ملڪن سان ڳالهائي، مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿا،هن وڌيڪ چيو ته جنگ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيو، تعليمي ادارا، ايئرپورٽ، رستا سڀ بند ٿي ويا، ماڻهو خوف ۾ جي رهي رهيا آهن ته اڳتي ڇا ٿيندو، عمر عبدالله جو چوڻ هو ته پاڪ-ڀارت جنگ ڪيترين شين کي بدلائي ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه نه بدليل رهيو آهي ته اهو پاڪستان جي ڪشمير بابت عالمي تحريڪ آهي، جيڪو هاڻ صاف طور تي ڪامياب ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، هن زور ڀري چيو ته پهلگام واقعي وارن متاثرن کي انصاف نه مليو، پر پاڪستان عالمي سطح تي مسئلو اجاگر ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، سري نگر جي اڳوڻي وزيراعليٰ چيو ته پهلگام حملو والاريل ڪشمير جو سمورو تاثر تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

  1. فلائٽ آپريشن ۾ بهتري،پرڏيهي ايئرلائينزآپريشن ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ بنديءَ جي اعلان کانپوءِ فلائٽ آپريشن جي بحاليءَ سان گڏ، بنئڪ لاگ سبب رد ۽ دير جو شڪار ٿيندڙ اڏامن جي صورتحالهاڻ بهتر ٿيڻ لڳي آهي،رپورٽ موجب ملڪ جي مختلف ايئرپورٽن تان هلندڙ اڏامن جي شيڊول ۾ سڌارو اچي رهيو آهي، جڏهن ته 12 پرڏيهي ايئرلائينز به پنهنجو آپريشن ٻيهر شروع ڪري چڪيون آهن، ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته، مختلف هوائي اڏن تان رد ٿيندڙ اڏامن جو انگ هاڻ گھٽجي 50 رهجي ويو آهي، جيڪو ڪالهه تائين 150 تائين پهچي ويو هو،پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ذريعن موجب، حج اڏامن کي معمول تي آڻڻ لاءِ به تيزيءَ سان ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.