نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته آپريشن "سندور” دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ نئين سرحد قائم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته "جيڪڏهن ڀارت تي دهشتگرد حملو ٿيندو ته سخت جواب ڏنو ويندو. اسان پنهنجي طريقي سان، پنهنجن شرطن تيجواب ڏينداسين. هر ان جاءِ تي ڪارروائي ڪنداسين، جتان دهشتگردي جون پاڙون نڪرنديون آهن. ڀارت ڪنهن به ائٽمي ڌمڪي کي برداشت نه ڪندو… اسان دهشتگردي جي مدد ڪندڙ حڪومت ۽ ان جي آقائن کي ڌار نه ڏسنداسين.” هن وڌيڪ چيو ته "پاڪستان جي فوج ۽ حڪومت جنهن طريقي سان دهشتگردي جي سهڪار ڪري رهيا آهن، اهو آخرڪار پاڪستان کي ئي تباهه ڪري ڇڏيندو.” "جيڪڏهن پاڪستان بچڻ چاهي ٿو ته ان کي پنهنجي دهشتگردي جي ڍانچي جو صفايو ڪرڻو پوندو. امن کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي.”مودي چيو ته "واپار ۽ دهشتگردي گڏ نٿا هلن. پاڻي ۽ رت گڏ نٿا وهي سگهن.” "جيڪڏهن پاڪستان سان ڪا ڳالهه ٿيندي ته اها رڳو دهشتگردي بابت ٿيندي. جيڪڏهن ڳالهه ٿيندي ته پاڪستان جي قبضي هيٺ ڪشمير بابت ٿيندي. مودي الزام لڳايو ته پاڪستان ڀارت جي شهري علائقن کي نشانو بڻايو، پر انهن ڊرون ۽ ميزائل حملن کي ڀارت جي فضائي دفاعي نظام ناڪام بڻايو.قوم کي خطاب ڪندي هن چيو ته "پاڪستان سرحد تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪئي هئي، پر ڀارت پاڪستان جي دل تي وار ڪري ڇڏيو.”هن چيو ته "اسان پاڪستان جي دهشتگردي وارن ماڳن تي پنهنجون جوابي ڪارروائيون في الحال روڪيون آهن.” ريندر مودي چيو آهي ته آپريشن "سندور” جي تحت ڀارتي فوجن پاڪستان اندر فضائي حملن ۾ 100 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته "بهاولپور ۽ مريدڪي جهڙا ماڳ، دهشتگردي جون عالمي يونيورسٽيون رهيون آهن. دنيا ۾ جيڪي به وڏا دهشتگرد حملا ٿيا آهن، جيئن 9/11، لنڊن ٽيوب حملا يا ڀارت جا حملا — انهن سڀني جا ڳنڍ پاڪستان جي انهن ئي ماڳن سان رهيا آهن.””دهشتگردن اسان جي ڀينرن جو سندور لُٽي ورتو هو، تنهنڪري ڀارت انهن جا هيڊڪوارٽر ختم ڪري ڇڏيا.”مودي چيو ته "انهن حملن ۾ 100 کان وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا.”هن چيو ته "پهلگام ۾ دهشتگردن جيڪو ظلم ڪيو، ان ملڪ ۽ دنيا کي دهشت ۾ وجهي ڇڏيو. معصوم سياحن کي مذهب پڇي، انهن جي آڱرين اڳيان، ٻارن اڳيان بيدردي سان قتل ڪيو ويو. اهو دهشتگردي جو بدترين چهرو هو.”هن چيو ته "اهو ملڪ جي اتحاد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش هئي.”