مودي هارايل جواري جهڙو لڳي رهيو هو: خواجا آصف

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته نريندر مودي هارايل جواري جهڙو لڳي رهيو هو. مودي جي خطاب تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته نريندر مودي پنهنجن الزامن جا ثبوت تهڏئي ها. هن چيو ته  روزويلٽ نيو يارڪ ۾ پاڪستان جي بهترين ملڪيت آهي، اهڙي عمارت نيو يارڪ ۾ ٻي ڪا به ناهي جنهن جا ٻه داخلي رستا هجن، جيڪا مرڪزي حيثيت رکي ٿي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اها 19 منزلن تي ٻڌل عمارت آهي، ڪوشش آهي ته ان تي ڪو جوائنٽ وينچر (گڏيل منصوبو) ٿي وڃي ته ان مان فائدو ٿيندو.هن چيو ته جيڪڏهن عمارت وڪرو ڪئي وئي ته ان مان جيڪو پيسو ملندو، ان مان عارضي فائدو ته ٿي سگهي ٿو يا ڪو قرض لهي سگهي ٿو، پر اهو مستقل حل نه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.