ملير ۾ وڪيلن تي تشدد ڪندڙ پوليس تي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير بار پاران تڪراري ڪئنالن خلاف لنڪ روڊ تي هنيل ڌرڻي تي چڙهائي ڪري وڪيلن کي تشدد جو نشانو بنائڻ، وڪيل صدام ڀٽي کي کنڀي ٻه ڏينهن قيد ۾ رکڻ سميت ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي خلاف عدالت جي حڪم باوجود ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ خلاف ملير ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڪورٽن جي تالا بندي ڪئي ويئي ۽ وڪيلن پوليس جي ڪورٽ ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي ۽ احتجاجن طور قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ملير بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو چيو ته اسان پرامن آهيون ۽ پرامن طريقي سان پنهنجي جدوجهد کي جاري رکنداسين، جيستائين پوليس مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت ڪورٽ آرڊر تي عملدرآمد نه ٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان جي نائب صدر تي اهلڪارن قاتلاڻو حملو ڪيو آهي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پاران ٻن ڏينهن جو ٽائيم گهريو ويو هو، ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي، ايس ايڇ او سميت ٻين اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام فتح سميجو، اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، عوامي جمهوري پارٽي اڳواڻ رشيد سڌايو، قومي عوامي تحريڪ سميت سول سوسائٽي پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.