ڪراچي(رپورٽ: ماريا اسماعيل)ٻٻر لوءِ ڌرڻي ۾ سماجي اڳواڻ پپو مهر، سنڌ بار ڪائونسل وائيس چيئرمين شفقت رحيم، لال جتوئي ۽ ٻين جي مان ۾ ڪراچي بار ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ڪراچي بار پاران مهانن کي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پهرايا ويا ۽ ڌرڻي جي ڀرپور سهڪار ڪرڻ مهمان جو ٿورو ادا ڪيو ويو، ان مواقعي تي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين جي سهڪار سان ٻٻر لو۽ ڌرڻو ڪامياب رهيو، ڌرڻي ۾ وڃڻ کان اڳ ڪجهه دوست چيو ته ڪاميابي نه ملندي، تمام گهڻو مشڪل آهي، مون چيو ته مايوس ناهي ٿيڻو، سنڌي مهمان نواز آهن، ڌرڻو ڪامياب ٿي ويندو، هن چيو ته وڪيلن جو وڏو تعداد ڪراچي کان روانو ٿيو، سنڌ جي ماڻهن مهمان نوازي ۽ عزم جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو، اسان کي ڪاميابي ملي ڪئنال رد ٿيا، هن چيو ته ڌرڻي ۾ بم ڌماڪا ٿيڻ جا به ٿريٽس ها، پر اسان پر عزم رهياسين، اسين عهد ڪيو ته جانيون وڃن ته ڀلي وڃن پوئتي ناهي هٽڻو، ڌرڻي جي ڪاميابي صرف ۽ صرف ايڪي ٻڌي ۽ سنڌ جي عوام جي ڀرپور سهڪار سان ٿي، اسان کي ڪجهه خبر پئي آهي ته ڪئنالن تي ڪم هلي رهيو آهي، ملڪي حالت ٺيڪ ناهن، حالت بهتر ٿيڻ بعد تحريڪ کي اڳتي کڻي وينداسين، هن چيو ته هاڻ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪم ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ سي سي آءِ جي سڀاڻي ميٽنگ ڪوٺائي وئي آهي، جنهن بعد لاءِ عمل جوڙيو ويندو، اسان کي ڪارپوريٽ فارمنگ به ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪنداسين، ڌرڻي شريڪ ماڻهن خلاف ڪوڙن ڪيسن جي مزمت ڪريون ٿا.جنهن تي به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. وڪيل برادري انهن سان گڏ آهي، اسان کي ڌرتي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ڪريڊٽ نه کپي.