ڪراچي بار ۾12 مئي سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي بار پاران 12 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جنرل باڊي اجلاس منعقد ڪيو ويو، 12مئيجي شهيد لاءِ دعا مغفرت به ڪرائي وئي، جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي خطاب ڪندي چيو ته  12مئي تي دهشتگردن ڪراچي شهر کي بند ڪري شهرين،وڪيلن ۽ سياسي جماعتن جي ڪارڪنن تي سڌيون گوليون هلايون ويون، 12مئي تي ڪراچي ۾ خون جو هولي کيڏي وئي،ڪراچي بار جي ميمبر عمران عزيز چيو ته 12مئي تي ڪراچي جي روڊن تي بيگناهه خون وهايو ويو، 12مئي جي ڪاري رات وساري ناهي، شهيدن جو خون جو انصاف ڏنو وڃي، بيگناهه 54 شهرين ۽ وڪيلن جو خون وهايو ويو، ظلم خلاف وڪيل ميدان ۾ شانا بشانه بيٺل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.