آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ (13 مئي کان 16 مئي تائين) چئن ڏينھن جو وچ اوڀر جو دورو ڪري رھيو آھي.عالمي ميڊيا موجب ھو سرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو جي رويي تي ڪاوڙيل آھي،جنھن ڪري دوري ۾ اسرائيل شامل نھ آھي. ٽرمپ وچ اوڀر جي دوري دوران پنھنجن ويجھن عرب دوست ملڪن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر کي اھميت ڏئي رھيو آھي.صدر ٽرمپ گذريل ھفتي پاڪ ھند ڇڪتاڻ کي روڪرائڻ جو بھ اعلان ڪيو ھو. ان کان اڳ سندس خواھش تي ئي اسرائيل جي غزا تي مڙھيل جنگ ۾ سيز فائر ٿيو.ھو روس ۽ يوڪرين جنگ روڪڻ ۾ بھ اڳڀرو آھي.يمن جي حوثين سان بھ ٺاھ ڪري ورتو آھي.جنھن ڪري ڪرسي سنڀالڻ بعد ھو امن قائم ڪرائڻ جي ڪم کي جنبيل آھي.خيال آھي تھ آمريڪي صدر جنگي ماحول کي ختم ڪرائي ملڪي معشيت تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رھيو آھي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2017 ۾ پهريون ڀيرو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ برطانيه جي بدران سعودي عرب جو پهريون پرڏيهي دورو ڪيو هو، تازو سعودي عرب روس ۽ يوڪرين ۾ امن ڳالهين ۾ بھ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سعودي عرب پاڪ ھند ڇڪتاڻ ۾ بھ ٽياڪڙي ڪئي ھئي.آمريڪي صدر عرب ملڪن ۾ ڪھڙي مقصد سان دور ڪري رھيو آھي ؟ وٽس ڪھڙيون اوليتون آھن ؟ جنوري 2025 ۾ ڊيوس اقتصادي فورم ۾ شرڪت ڪندي، صدر ٽرمپ سعودي عرب کان ھڪ ھزار ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو مطالبو ڪيو. ٽرمپ جو اهو مطالبو اهڙي وقت ۾ سامھون آيو جڏهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان اعلان ڪيو ته سندس ملڪ ايندڙ چئن سالن ۾ آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.ياد رهي ته 2017 ۾ سعودي عرب جي دوري دوران، ٽرمپ 350 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري حاصل ڪئي ھئي.جنهن ۾ 110 ارب ڊالر جو هٿيارن جو معاهدو به شامل هو.ان دوران هو قطر کان اربين ڊالر حاصل ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿيو ھو. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ڪجهه دفاعي معاهدا شامل هئا، جن ۾ 2019 ۾ قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي ‘العديد’ جي مرمت لاءِ 8 ارب ڊالر بھ شامل هئا.سيپٽمبر 2020 ۾، قطري پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو ته سندس ملڪ آمريڪي معيشت ۾ 200 ارب ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي.
ماھرن جو چوڻ آھي تھ سعودي عرب آمريڪا کي دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت سمجهي ٿو، جڏهن ته واشنگٽن سعودي عرب کي وچ اوڀر جو دروازو ۽ تيل مارڪيٽن جي استحڪام يا عالمي توانائي جي سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ڪنهن به بين الاقوامي حڪمت عملي لاءِ هڪ حفاظتي ڍال سمجهي ٿو.ماھر ان خيال جا آھن ته صدر ٽرمپ سمجھي ٿو تھ نار ملڪن، خاص طور تي سعودي عرب لاءِ ھن "گهڻا فائدا حاصل ڪيا آهن”.. ٽرمپ جي "ڪاميابين” ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو زوال، لبنان ۾ حزب الله تي اسرائيلي حملي جي حمايت، ٽرمپ جي حڪم تي يمن ۾ حوثين تي ٿيل حملا، ايران تي آمريڪي فوجي حملي جي ڌمڪي ۽ خطي ۾ ايران جي ڪردار کي محدود ڪرڻ شامل آهن.
تازو صدر ٽرمپ يمن ۾ فوجي ڪارروائين جي خاتمي جو اعلان ڪندي چيو ته حوثي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي ٻيهر ڳاڙهي سمنڊ ۾ آمريڪي جهازن تي حملو نه ڪندا.ٽرمپ جو دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن خطي ۾ ايران جي حيثيت سياسي ۽ حڪمت عملي طور تي تبديل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران ۾ ان جي ايٽمي پروگرام جي خاتمي تي ڳالهيون به شامل آهن.آمريڪا وچ اوڀر جي انھن ملڪن کي يقين ڏياريندو تھ کين ايران جي امڪاني خطري کان تحفظ ملندو.سعودي عرب اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ توازن برقرار رکي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ايران آمريڪي اقتصادي پابندين جي ڪري اندروني مشڪلات کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ساڳئي وقت، اهو ايران ۾ احتجاج جي ڪري ٻاهرين اختلافن کي حل ڪرڻ چاهي ٿو.
گڏيل عرب امارات ۽ قطر ٽرمپ جي دوري کان اڳ ئي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري چڪا آهن. دبئي ۾ ٽرمپ آرگنائيزيشن ٽرمپ انٽرنيشنل هوٽل ۽ ٽاور جي تعمير جو اعلان ڪيو آھي، جيڪو ھڪ ارب ڊالر جو منصوبو آهي. قطر ۾ 2 ارب ڊالر جو ٽرمپ انٽرنيشنل گولف ڪلب جو بھ اعلان ڪيو ويو آهي.ٽرمپ پنهنجي دوري دوران نار ملڪن کي هڪ سياسي تحفي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو.ان بابت ماھرن جو خيال آھي تھ اھو تحفو آمريڪا پاران ”خليج فارس“ جي نالي کي ”خليج عربي“ طور تي باقاعدي استعمال ڪرڻ بابت هوندو.ٽرمپ پنهنجي سعودي عرب جي دوري کي پنهنجن مطالبن جي منظوري سان مشروط ڪيو آھي.انهن جو مکيه مقصد اهڙا معاهدا آهن جن جي تحت سعودي عرب ۽ ٻين نار ملڪن کان پئسا آمريڪي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ اچن ۽ ان مقصد لاءِ آمريڪي هٿيار ۽ سامان جي خريداري بھ شامل آھي.